اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبارسنڌ

سنڌ ۾ 79 سيڪڙو فصل تباهه،529 ارب رپين جو نقصان ٿيو:سينيٽ ۾ آگاهي

اسلام آباد : قومي تحفظ خوراڪ واري وزارت ٻوڏ سبب برساتن سان فصلن کي پهچندڙ نقصانن جو تفصيل سينيٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو، جنهن مطابق ملڪ ۾ ٻوڏ ۽ برساتن سان فصلن کي 529 ارب رپين جو نقصان ٿيو. اڱاري تي اجلاس ۾ لکت واري جواب ۾ ٻڌايو ويو ته فصلن کي 40 سيڪڙو نقصان ٿيو آهي، سڀ کان گهڻو سنڌ ۾ فصلن کي 394 ارب 87 ڪروڙ رپين جو نقصان ٿيو. لکت واري جواب ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ 79 سيڪڙو فصل ٻوڏ ۽ برساتن سان تباهه ٿيا. پنجاب ۾ 15 سيڪڙو، بلوچستان ۾ 53 سيڪڙو ۽ خيبرپختونخوا ۾ 14 سيڪڙو فصل تباهه ٿيا. لکت واري جواب ۾ ٻڌايو ويو ته پنجاب ۾ فصلن کي 82 ارب ۽ بلوچستان ۾ 63 ارب رپين جو نقصان ٿيو. ٻوڏ ۽ برساتن سان خيبرپختونخوا ۾ 17 ارب ۽ آزاد ڄمون ڪشمير ۾ هڪ ارب هڪ ڪروڙ جو نقصان ٿيو. ٻوڏ سان سارين جي فصل کي 73 ارب 72 ڪروڙ رپين جو نقصان ٿيو. ٻوڏ ۽ برسات سان ميوون جي فصلن کي 2 ارب 85 ڪروڙ 60 لک رپين جو نقصان ٿيو. صوف جي باغن کي هڪ ارب 23 ڪروڙ 99 لک رپين ۽ 80 لک رپين جو ڪڻڪ جي فصل کي نقصان ٿيو. کجي جي فصل کي 23 ارب 78 ڪروڙ 77 لک رپين جو نقصان ٿيو. مڪئي جي فصل کي هڪ ارب 94 ڪروڙ، مرچ جي فصل کي 16 ارب 71 ڪروڙ رپين جو نقصان ٿيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button