اسلام آبادپاڪستان

پاڪستان هاڻي ڀارت کان 62 لک مڇر داڻيون خريد ڪندو

اسلام آباد :حڪومت صحت واري وزارت کي ڀارت مان مڇر داڻيون گهرائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. صحت واري وزارت جي اختيارين موجب 62 لک مڇر داڻيون خريد ڪرڻ لاءِ مالي وسيلا عالمي ادارو گلوبل فنڊ فراهم ڪندو. گلوبل فنڊ جي مالي وسيلن سان صحت جو عالمي ادارو پاڪستان لاءِ مڇر داڻيون خريد ڪري رهيو آهي. اختيارين چيو آهي ته ڪوشش ڪنداسين ته مڇر داڻيون جلد کان جلد واهگا بارڊر رستي پاڪستان اچي وڃن. 62 لک مڇر داڻيون نومبر جي وچ تائين پاڪستان اچي وينديون. اختياريون موجب پاڪستان جي 32 ٻوڏ سٽيل ضلعن ۾ مليريا تباهي مچائي آهي. ٻوڏ متاثر علائقن ۾ مليريا سڀ کان وڏو پبلڪ هيلٿ ايشو بڻجي سامهون آيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button