اسلام آبادپاڪستان

انساني حق سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهن:سريندر ولاسائي

ڪراچي :سنڌ حڪومت جي انساني حقن واري کاتي 4 مهينن جي مختصر عرصي ۾ سڄي صوبي ۾ ٻن عملدرآمدي پارٽنرز جي ذريعي غريب ۽ پٺتي پيل طبقن سان تعلق رکندڙ 500 کان وڌيڪ ماڻهن کي مقامي عدالتن ۾ مفت قانوني مدد فراهم ڪئي آهي. اها معلومات اڱاري ڏينهن سنڌ حڪومت جي انساني حقن واري کاتي پاران هوٽل مووين پِڪ ۾ “برجنگ بيئرز اينڊ انشورنگ ايڪسس ٽو جسٽس: اي ڊائلاگ فار دي پراونشل ويجيلنس ڪميٽي” ۾ شيئر ڪئي وئي. سنڌ جي وڏي وزير جي انساني حقن بابت خاص مددگار سريندر ولاسائي نشاندهي ڪئي ته سنڌ ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي واقعن جي رپورٽنگ گهٽ آهي. قانوني امداد انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي متاثرن کي مدد فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. گڏيل قومن جي ڪل 9 ڪنوينشنز ۽ معاهدن مان پاڪستان ڪل 7 ڪنوينشنز جي تصديق ڪئي آهي. پيپلز پارٽيءَ جي حڪومتي دور دور ۾ انساني حقن جي پنج اهم ڪنوينشنن جي منظوري ڏني وئي. تقريب کي خطاب ڪندي انساني حقن بابت خاص مددگار سريندر ولاسائي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ جي صوبائي حڪومت لاءِ انساني حق اولين ترجيح آهي. پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گذريل حڪومت دوران پارلياماني قائمه ڪميٽي جي چيئرمين شپ قبول ڪئي هئي. انساني حقن بابت خاص مددگار سريندر ولاسائي چيو ته صوبائي حڪومت انساني حقن جي اهم محافظن کي صوبائي ويجيلنس ڪميٽي جو ميمبر نامزد ڪيو آهي. اهي ماڻهو اڳ ۾ ئي انساني حقن جي محافظن طور ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي نظر رکڻ ۾ مؤثر ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن هيومن رائيٽس ويجيلنس ڪميٽي جي ميمبرن تي زور ڀريو ته هو سنڌ ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي نگراني، رپورٽنگ ۽ حوالو ڏيڻ ۾ پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪن. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر رحيم اعواڻ، ڊائريڪٽر جنرل ليگل ايڊ اينڊ جسٽس اٿارٽي، حڪومت پاڪستان، سنڌ حڪومت کي سٺا قانون ۽ ادارا ٺاهڻ تي ساراهيو. ڊاڪٽر رحيم اعواڻ چيو ته سندس اٿارٽي اسلام آباد ۾ 100 کان وڌيڪ ثالثن کي تڪرار جي متبادل حل لاءِ تربيت ڏني آهي وڌيڪ ثالثن کي تربيت ڏني پئي وڃي، جنهن سان تمام گهڻا فنڊ بچندا. عام طور تي، نو عدالتون مقدمي ۽ اپيل جي دوران هڪ ڪيس ٻڌندا آهن. جنهن تي حڪومت جو وڏو خرچ ايندو آهي. هن چيو ته ڊگها تڪرار خاندانن ۽ رشتن کي متاثر ڪندا آهن. ليگل ايڊ اينڊ جسٽس اٿارٽي ڊاڪٽر رحيم اعواڻ موجب 18 سالن کان گهٽ ، 60 سالن کان مٿي عمر وارا بزرگ شهري، جنس جي بنياد تي ٿيندڙ ڏوهن جو شڪار، جنسي ڏاڍائي جو شڪار، گهٽ. آمدني وارن ملازم جن جي بچت 200,000 روپين کان گهٽ آهي يا ڪنهن سان رجسٽر ٿيل آهن جهڙوڪ سماجي ڀلائي جا پروگرام، بي آءِ ايس پي ۽ بيت المال. سنڌ سان تعلق رکندڙ نيشنل ڪميشن فار هيومن رائيٽس (اين سي ايڇ آر) جي ميمبر محترم انيس هارون چيو آهي ته حڪومت کي پنهنجي شهرين جي حقن جو تحفظ ڪرڻ گھرجي. هن چيو ته موجوده ٻوڏ سماج جي غريب ۽ پٺتي پيل طبقن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته بي زمين زرعي مزدور سماج جو سڀ کان وڌيڪ متاثر طبقو آهي. انيس هارون صوبائي انساني حقن واري کاتي تحت ويجيلنس ڪميٽي جي قيام کي ساراهيو ۽ ويجيلنس ڪميٽي جي ميمبرن کي چيو ته هو انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي نظر رکن. هن چيو ته انهن عورتن کي به قانوني مدد فراهم ڪئي وڃي، جيڪي سنگين ڏوهن ۾ ملوث آهن. سنڌ ڪميشن آن اسٽيٽس آف وومين جي چيئرپرسن نزهت شيرين چيو آهي ته سنڌ حڪومت جو کاتو محدود انساني وسيلن ۽ فنڊن جي باوجود عوام جي حقن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته سندس ڪميشن عورتن جي حقن جي تحفظ لاءِ سنڌ حڪومت جي انساني حقن واري کاتي سان مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندي. سنڌ ۾ ڪمزور ماڻهن کي مفت قانوني امداد فراهم ڪرڻ بابت پنهنجي پريزنٽيشن ۾ ليگل ايڊ سوسائٽي جي حيا زاهد ۽ پلس ليگل ايڊ جي الطاف کوسو ويجيلنس ڪميٽي جي ميمبرن کي غريبن کي قانوني امداد فراهم ڪرڻ لاءِ امپلمينٽيشن پارٽنر جي روش بابت آگاهي ڏني. هن چيو ته هيومن رائٽس کاتو غريبن کي بهترين قانوني مدد فراهم ڪري رهيو آهي ڇو ته ڳوٺاڻن علائقن ۾ به بهترين وڪيلن جي خدمت حاصل ڪئي ويندي آهي. يتيمن، بزرگ شهرين، عورتن سان لاڳاپيل مسئلن ۽ گهريلو تشدد جي متاثرن جي ڪيسن کي ترجيح ڏني ويندي آهي. حيا زاهد چيو ته اموشنل زيادتي کي گهريلو تشدد سمجهيو ويندو آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي انساني حقن واري کاتي جي سيڪريٽري نورين بشير چيو ته ويجيلنس ڪميٽي جو قيام هڪ اهم قدم آهي جيڪو احتساب، استحڪام ۽ شفافيت جي اصولن تي ٻڌل آهي. هن چيو ته ايندڙ مرحلي ۾ صوبائي حڪومت ضلعي سطح تي ويجيلنس ڪميٽيون قائم ڪري رهي آهي. سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن جي ميمبر اسلم شيخ چيو ته ڪميشن انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي متاثرن جي مدد ڪري رهي آهي. اجلاس جي صدارت SHRC ميمبر ذوالفقار شاهه ڪئي. ڪانفرنس ۾ مختلف ضلعن مان ويجيلنس ڪميٽي جي ميمبرن شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button