پاڪستانسنڌ

ٿرڙي محبت جي برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو، چڪريون

ٿرڙي محبت: ٿرڙي محبت جي حد بريداري وٽان يوسي سوجهرو ڳورڙ جي برسات ۽ ٻوڏ متاثر ڳوٺ ماڻڪاڻي، ڳوٺ چاڪر چانڊيو، ڳوٺ پنهل خان چانڊيو، ڳوٺ نبات پور، ڳوٺ دادن ميرجت، ڳوٺ مير محمد سميت 10 کان مٿي ڳوٺن جي سوين رهواسين واهر نه ٿيڻ خلاف انڊس هاءِ وي لاڙڪاڻي کان ڪراچي ويندڙ مک روڊ تي ٽائرن کي ساڙي نٽهڻ اس ۾ چئن ڪلاڪن تائين احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. جڏهن ته انڊس هاءِ وي بند هجڻ ڪري احتجاج ڪندڙن ۽ مسافرن ۾ چڪريون پڻ ٿيون.

ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ اياز علي خاصخيلي، امجد خاصخيلي، سجاد چانڊيو، گلزار چانڊيو ۽ ٻين چيو ته برسات ۽ ٻوڏ سبب گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن. فصل تباهه ٿي ويا آهن پر لاڳاپيل انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن سميت ڪنهن به واهر نه ڪئي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته متاثرن جي واهر ڪري ٽينٽ ۽ راشن ڏئي سروي ڪرائي ازالو ڪيو وڃي. هوڏانهن متاثرن سان ٿرڙي محبت جي ايس ايڇ او اقبال ڪانڌڙو ڳالهيون ڪري خاطري ڪرائڻ بعد ڌرڻو ختم ڪرايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button