پاڪستانسنڌ

ٿاڻو بولا خان جي ٿاڻي تي عدالتي ڇاپو، ناحق باندي بڻايل ٿر واسي بازياب

ٿاڻوبولاخان: سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ ٿاڻو بولا خان سيشن جج ڄامشورو جي حڪم تي ٿاڻو بولا خان پوليس جي ٿاڻي تي ڇاپو هڻي بيگناھه باندي بڻايل ٿر واسي حڪم سنگھه کي بازياب ڪرائي ايس ايڇ او ٿاڻو بولا خان کي اڄ رڪارڊ سميت عدالت طلب ڪري ورتو آهي.

ياد رھي ته ٿاڻو احمد خان واسي گوبندرام منگلاڻي جي تعمير ٿيندڙ گھر مان 20 لکن روپين جي ماليت جي قيمتي سامان جي ٿيل چوري جي سلسلي ۾ سندس فرياد تي پوليس حڪم سنگهه کي گرفتار ڪيو ھو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button