اسلام آبادپاڪستان

عالمي بئنڪ ٻوڏ جي نقصانن جو ڪاٿو 40 ارب ڊالر لڳايو آهي:شيري رحمان

اسلام آباد :موسميات تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته عالمي بئنڪ ٻوڏ جي نقصانن جو شروعاتي ڪاٿو 40 ارب ڊالر لڳايو آهي. موسمياتي تبديليون سڄي دنيا لاءِ وڏو چئلينج آهن. پاڪستان ۾ 33 ملين ماڻهو ٻوڏ سبب متاثر ٿيا آهن. ٻوڏ متاثرن جي وڏي آبادي جي بحالي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ اڪيلي سر ڪنهن ملڪ جو ڪم ناهي. ٻوڏ سبب شديد متاثر انفرا اسٽرڪچر جي بحالي لاءِ وڏي پئماني تي وسيلا گهربل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ٻوڏ جي صورتحال تمام خراب آهي، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ پاڻي بيٺل آهي ۽ اهي علائقا جيڪي سمنڊ جي سطح کان هيٺ آهن، اتان پاڻي ڪڍڻ هڪ ڏکيو مرحلو آهي. سڄي دنيا ۾ موسمياتي تبديلي جو اهڙو عمل پهريان ناهي ڏٺو ويو، موسمياتي تبديلي ڪري برساتن ۽ ٻوڏ پراڻا سڀئي رڪارڊ ٽوڙيا آهن. پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهڪارين سان ٿيل نقصان جو ورلڊ بئنڪ 40 بلين ڊالرن جو ڪاٿو لڳايو آهي، 33 ملين ٻوڏ متاثر تمام وڏو انگ آهي، جيڪو آسٽريليا جهڙي وڏي ملڪ کان ساڍا 7 ملين وڌيڪ آهي. 2010ع جي ٻوڏ ۾ 20 ملين ماڻهو متاثر ٿيا، جن جي بحالي لاءِ 40 بلين جو ڪاٿو لڳايو ويو هو. جڏهن ته هن ڪاٿي ۾ احتياطي ڪرڻو پوندو. 20 ڏهائي 6 ملين متاثر اڃا به امداد جا منتظر آهن، هي پرتگال ۽ سوئيٽزرلينڊ جي مجموعي آبادي کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته ٻوڏ جي شدت ايتري قدر هئي ته 13000 ڪلوميٽر روڊ تباهه ٿيا، جن جي بحالي لاءِ وسيلن جي ضرورت آهي. 436 پل تباهه ٿيا جن جي مرمت ۽ نئين سر تعمير جو ڪم ٿيندو. 1400 صحت مرڪزن کي نقصان پهتو يا اهي مڪمل تباهه ٿيا آهن، خاص طور تي سنڌ ۾ اڃا به صحت جا مرڪز، ڊسپينسريون وغيره اڃا به پاڻي هيٺ آهن. صحت جي عالمي اداري جي انگن اکرن مطابق 8 ڏهائي 2 ملين ماڻهن کي ارجنٽ هيلٿ ڪيئر جي ضرورت آهي. سنڌ جي 11 ضلعن ۾ هن وقت تائين پاڻي بيٺل آهي، 6 لک عارضي شيلٽر بڻايا ويا آهن ۽ اڃا 7 ڏهائي 9 ملين کي امداد جي ضرورت آهي. ان حوالي سان جنيوا ۾ پڻ فليش اپيل ڪئي آهي. 9 ڏهائي 4 ملين ايڪڙ تي بيٺل ڪيترائي فصل تباهه ٿي ويا. فوڊ اينڊ ايگريڪلچر نقصان سان 14 ملين ماڻهو سڌي ريت متاثر ٿيا. ٻوڏ سان مجموعي طور تي متاثرن ۾ 70 سيڪڙو ٻار ۽ عورتون شامل آهن. متاثرن ۾ 65 ارب رپين جي امداد ورهائي وئي آهي. ٻوڏ سبب چانور، ڪپهه، ڪمند، ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن جو نقصان ٿيو، جيڪو ڪيش ڪراپس ۾ شمار ٿيندو آهي. سنڌ ۾ مجموعي طور تي 79 سيڪڙو فصل تباهه ٿيا، بلوچستان ۾ 53 سيڪڙو، پنجاب ۾ 15 سيڪڙو، ڪي پي ڪي ۾ 14 سيڪڙو جڏهن ته آزاد ڪشمير جي 25 سيڪڙو فصلن کي نقصان پهتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button