پاڪستان

وزيراعظم سيڪا سربراهي اجلاس جي سلسلي ۾ قازقستان پهچي ويو

وزيراعظم شهباز شريف سيڪا سربراهي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ قازقستان پهچي ويو آهي، جتي هو علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جو موقف اجاگر ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف ايشيا ۾ اعتماد سازي جي قدمن تي ٿيندڙ سربراهي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي قازقستان پهتو آهي، جتي اڄ آستانا ۾ سيڪا جي ڇهين سربراهي اجلاس کي خطاب پڻ ڪندو. وزيراعظم سيڪا سربراهي اجلاس ۾ علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جو موقف اجاگر ڪندو ۽ سيڪا ميمبر ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقاتون به ڪندو. وزيراعطم ان حوالي سان ٻڌايو ته موسمياتي تبديلين سبب ٿيل نقصانن بهترين ڪوششن جي اهميت کي وڌائي ڇڏيو آهي، دنيا کي توانائي ۽ خوراڪ جي اگهن ۾ واڌ جي ڪري ٻاڙائي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. واضح رهي ته سيڪا 1992ع ۾ قائم ڪيل بين الحڪومتي ادارو آهي جنهن ۾ ايشيا جا 27 ملڪ شامل آهن. سيڪا ايشيا ۾ امن سلامتي، ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي هٿي ڏيڻ تي ڌيان رکي ٿو ۽ پاڪستان سيڪا جي باني ميمبرن مان هڪ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button