ڪراچي/دادو: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان نوبل انعام يافته ملالا يوسفزئي ملاقات ڪئي، سنڌ جي وڏي وزير ۽ نوبل انعام يافته ملالا يوسفزئي ٻوڏ جي صورتحال ۽ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ واهر ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملالا يوسفزئي چيو ته ڪئمپن ۾ رهندڙ ٻارڙن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته هن ٽينٽ گرلز اسڪول جو دورو ڪيو ۽ ڪجهه وقت شاگردياڻين سان گذاريو. هن چيو ته ٻارن جا حوصلا بلند آهن ۽ سندن پڙهائيءَ جو شوق واکاڻ جوڳو آهي. وڏي وزير چيو ته ٻوڏ سبب 20 لک ٻارن جي تعليم متاثر ٿيڻ کان علاوه 12 هزار اسڪولن کي به نقصان پهتو آهي. وڏي وزير ملالا تي زور ڀريو ته هوءَ پاڻي نيڪال ٿيڻ کانپوءِ اسان جي اسڪولن جو دورو ڪري ۽ شاگردن سان ملي ته جيئن سندن سکيا جو جذبو پيدا ٿئي. ان تي ملالا چيو ته هوءَ پاڪستان جو دورو ڪندي ۽ شاگردن سان ملاقات ڪري تعليم جي اهميت کي اجاڳر ڪندي. وڏي وزير ملالا يوسفزئي جي اچڻ تي سندس ٿورا مڃيا ۽ کيس خراج تحسين پيش ڪندي يادگار شيلڊ ۽ اجرڪ پيش ڪيو.
ان کان اڳ نياڻين جي تعليم لاءِ جدوجهد ڪندڙ نوبل انعام يافته ملالا يوسفزئي دادو ضلعي ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جو فضائي جائزو وٺڻ بعد هيليڪاٽر ذريعي دادو ڀرسان زمه زمه تيل ڪمپني جي هيليپيڊ تي ليڊنگ ڪئي. جنهن بعد جوهي تعلقي جي کير موري واري علائقي ۾ ٻوڏ متاثرن جي رليف ڪئمپ تي پهتي. جتي ٻوڏ متاثر عورتن ۽ ٻارڙن سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ملالا يوسف زئي رليف ڪئمپ ۾ موجود ٻوڏ متاثر ٻارڙن سان ملي نغما ٻڌائڻ جي فرمائش ڪئي. رليف ڪئمپ تي موجود ٻوڏ متاثر ٻارڙن ملالا يوسف زئي جي فرمائش تي ملي نغما ٻڌايا، جڏهن ته ساڻس گڏ مشهور فنڪار شهزاد رائي به ٻارڙن کي ملي نغما ٻڌايا، ملالا يوسف زئي ٻارڙن کان ٻوڏ جي تباهڪارين بابت معلومات ورتي ۽ ڏکئي وقت کي ويسارڻ ۽ اڳتي وڌڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي ڊي سي دادو سيد مرتضيٰ علي شاهه پاران ملالا يوسف زئي کي ٻوڏ جي تباهڪارين بابت بريفنگ ڏني وئي، ملالا يوسف زئي سنڌ حڪومت جي هيليڪاپٽر ذريعي صوبائي وزير صحت عذره پيچوهو، صوبائي وزير تعليم سيد سردار شاهه سان گڏ دادو پهتي هئي.