اسلام آباد :چيف جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏنا آهن ته آمدني کان وڌيڪ اثاثا سڄي دنيا ۾ ڏوهه سمجهيا ويندا آهن. پاڪستنا ۾ نيب قانون ۾ ترميم سان منظم ڪرپشن کي هٿي ملندي. نيب قانون ۾ ترميم خلاف عمران خان جي درخواست تي شنوائي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان رمارڪس ڏنا آهن ته آمدني کان وڌيڪ اثاثا سموري دنيا ۾ ڏوهه سمجهيا ويندا آهن، عالمي معيار ۽ مقامي قانون کي نظر ۾ رکندي نيب قانون ۾ ترميمن جو جائزو وٺنداسين.چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ايل اين جي معاهدي جون حقيقتون ڄاڻڻ بنا ئي ڪيس ٺاهيو ويو. ڪيترائي بيورو ڪريٽس جيل ڪاٽن بعد ريفرنس مان بري ٿي ويا. ڪميٽيز ۽ ڪابينا ۾ فيصلا گڏيل ٿيندا آهن، گڏيل فيصلن تي ڇا سموري ڪابينا ۽ ڪميٽيز ميمبرز کي جوابدار تصور ڪيو ويندو. سموري ڪابينا يا ڪميٽي جوابدار تصور ٿيندي ته پوءِ فيصلا ڪير ڪندو؟ چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن هر ڪم پارليامينٽ ڪندي ته پوءِ فيصلا سازي سست رفتاري جو شڪار ٿي ويندي. عمران خان جي وڪيل خواجا حارث عدالت کي ٻڌايو ته ڪابينا ۽ ورڪنگ ڊيولپمنٽ پارٽيز جي فيصلا پڻ نيب جي دائري مان ڪڍيا ويا آهن. نيب ترميم ڪرپشن جي خاتمي واري عالمي ڪنونشن جي به خلاف آهي. جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته عالمي معيار ۽ مقامي قانون کي نظر ۾ رکندي نيب قانون ۾ ترميمن جو جائزو وٺنداسين. جسٽس منصور علي شاهه شنوائي دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته نيب کان بچي ويندڙ ڪنهن ٻئي قانون جي پڪڙ ۾ اچي سگهن ٿا؟ جنهن تي عمران خان جي وڪيل چيو ته اختيارن جي ناجائز استعمال لاءِ ڪو قانون موجود نه آهي، نيب ترميم بعد پنجاهه ڪروڙ کان وڌيڪ ڪرپشن ثابت ڪرڻ به ناممڪن بڻايو ويو آهي. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته نيب ترميمن سان منظم ڪرپشن کي هٿي ملندي، ترميم ذريعي اجازت ڏني وئي آهي ته هو مالي فائدا کڻن جيڪي نيب قانون جي دائري ۾ نٿا اچن. جسٽس منصور علي شاهه پڇاڻو ڪيو ته نيب ترميم ٿيل قانون هاڻوڪي حالت ۾ 1999ع ۾ اچي ها ته چئلينج ٿئي ها؟ عمران خان جي وڪيل ٻڌايو ته قانون تي عملدرآمد ۾ خاميون سامهون اچڻ تي ئي ان کي چئلينج ڪيو ويندو آهي. مخصوص ماڻهن کي فائدو پهچائڻ لاءِ نيب قانون ۾ ترميم ڪئي وئي. هاڻوڪي حڪومت جي اچڻ جو پهريون ٽارگيٽ ئي پنهنجا نيب ڪيس ختم ڪرڻ هو. ڇا نيب جاچ تي خرچ ٿيل اربين رُپيا زيان ٿيڻ ڏنا ويندا؟ ڇا احتساب عدالتن جي ججن تي شڪ آهي ته هو انصاف نٿيون ڪن؟ عدالت دليل ٻڌڻ بعد ڪيس جي وڌيڪ شنوائي ايندڙ اڱاري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close