پيرڳوٺ: پيرڳوٺ لڳ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، مامي هٿان ڀاڻيجو قتل، سندس ڀاء زخمي رپورٽ موجب پيرڳوٺ لڳ فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي جي حد ڳوٺ جوان شر ۾ سڱاوتي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو آهي، جنهن ۾ ڌرين طرفان ڇتي فائرنگ ڪئي وئي. فائرنگ جي نتيجي ۾ 30 سالن جو نوجوان نسيم احمد شر ٿڏي تي قتل ٿي ويو. جڏهن ته سندس ڀا اياز شر سخت زخمي ٿي پيو. اطلاع تي فيض محمد ٻنڊو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمي کي پيرڳوٺ اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. فيض محمد ٻنڊو پوليس جو چوڻ آهي ته پٺاڻ شر ۽ حضور بخش شر واري ڌرين ۾ سڱاوتي تان جهيڙو ٿيو پيو آهي، جنهن ۾ مامن فائرنگ ڪري ڀاڻيجي کي قتل ۽ ٻئي کي زخمي ڪيو آهي. جڏهن ته ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close