نوشهروفيروز: ابڙان شهر ۾ مھينو اڳ قتل ڪيل زاهد ۽ راهب ميمڻ جي وارثن ديدار علي، برڪت علي، نظام الدين، علي شير ميمڻ ۽ ٻين پريس ڪلب نوشهروفيروز اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کان پوءِ چيو ته ايس ايس پي نوشهروفيروز عبدالقيوم پتافي وڏيرن جي ونگار وهي رهيو آهي، جنهن ڪري نوجوانن جي قتل ۾ ملوث ابڙان يوسي جي اڳوڻي چيئرمين سيد ظفر علي شاهه ۽ تازو اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيل ضلعي ڪائونسل جي ميمبر سيد لطف علي شاهه ۽ سندن ڀائرن مجاهد علي شاهه،ذوالفقار علي شاهه ۽ راجا شاهه کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ھنن چيو ته جوابدار سرعام گھمي رھيا آھن ۽ ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪائي رھيا آھن. هنن آءِ جي شهيد بينظير آباد کي اپيل ڪئي ته ڪنهن ايماندار پوليس آفيسر کي مقرر ڪري اسان جي نوجوانن جي قتل ۾ ملوث مک جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close