پاڪستان

وزيراعظم شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزا کي عدالت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ باعزت بري ڪري ڇڏيو

لاهور جي اسپيشل سينٽرل ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزا شهباز کي باعزت طور بري ڪري ڇڏيو، شهباز شريف عدالتي فيصلي تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته اسان عدالت، قانون ۽ عوام آڏو سرخرو ٿيا آهيون. تفصيل موجب وزيراعظم شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزا شهباز ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس مان آجا قرار ڏنا ويا آهن. لاهور جي اسپيشل سينٽرل ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير حمزا جي بريت لا داخل درخواستون منظور ڪري ورتيون، ٻنهي جي وڪيلن کي دليل مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي. شنوائي جي موقعي تي ايف آءِ اي عدالت کي ٻڌايو ته شهباز شريف ۽ حمزا شهباز جي اڪائونٽن ۾ سڌو سنئون پئسا جمع ٿيڻ يا ڪڍرائڻ جا ثبوت نه مليا آهن. شهباز شريف جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جاچ آفيسر شاهدن جا بيان ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، 161 واري بيان ۾ ڪنهن به گواهه شهباز شريف ۽ حمزا شهباز جو ذڪر ناهي ڪيو، ان حوالي سان دليل لکت ۾ عدالت ۾ جمع ڪرايا ويا آهن. شهباز شريف جي وڪيل جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد عدالت فيصلو محفوظ ڪيو، جيڪو بعد ۾ ٻڌايو ويو. عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته جوابدارن تي ڪيس هلائڻ هاڻي وقت جو ذيان هوندو. ياد رهي ته شهباز شريف ۽ حمزا شهباز خلاف مني لانڊرنگ جو ڪيس نومبر 2020ع ۾ داخل ڪيو ويو هو، ٻنهي جوابدارن جولائي 2021ع ۾ ضمانتن لا سيشن ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو، مارچ 2022ع ۾ ڪيس جو چالان اسپيشل سينٽرل ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو ويو هو، ٻنهي پي پٽ تي 16 ارب رپين جي مني لانڊرنگ ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو هو. شهباز شريف ۽ حمزا شهباز کي باعزت بري ڪرڻ جو فيصلو اچڻ بعد نواز ليگ جي ڪارڪنن پنجاب جي مختلف شهرن ۾ جشن ملهائي مٺايون ورهايون. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف مني لانڊرنگ ڪيس مان بري ٿيڻ بعد ٽوئيٽر پنهنجي بيان ۾ ردعمل ظاهر ڪندي چيو ته رب جي ذات ٻيهر فضل ڪيو ۽ مني لانڊرنگ جي ڪوڙي، بي بنياد ۽ سياسي انتقام تي ٻڌل ڪيس مان بري ٿيڻ جو هي ڏينهن ڏيکاريو آهي، جنهن تي الله تعاليٰ جو جيترو شڪر ادا ڪريون گھٽ آهي. هن وڌيڪ لکيو ته بدترين سازشين، رياستي طاقت جي استعمال ۽ ادارن کي يرغمال بڻائڻ باوجود اسان عدالت، قانون ۽ عوام اڳيان سرخرو ٿيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button