تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پنهنجي حڪومتي دور ۾ بي اختيار وزيراعظم هجڻ جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته ساڍن ٽن سالن تائين حڪومت ۾ ذميواري منهنجي هئي پر حڪمراني ڪنهن ٻئي جي هئي، مون کي پورا اختيار نه مليا، جيڪڏهن اڌ جيترا پاور به ملن ها ته شير شاهه سوري جو به مقابلو ڪري وڃان ها. لاهور ۽ سينيئر صحافين سان ملاقات اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته جڏهن چئلينج ختم ٿيندو آهي ته اوهان جي زندگي ختم ٿي ويندي آهي، جڏهن قانون جي حڪمراني هوندي آهي ته معاشرو خوشحال ٿيندو آهي، مونکي ساڍن ٽن سالن دوران اڌ پاور به ملي وڃي ها ته شير شاهه سوري سان مقابلو ڪري وٺان ها، ذميواري منهنجي هئي پر حڪمراني ڪنهن ٻئي جي هئي. هن وڌيڪ چيو ته بلاول ڪڏهن هيڏانهن وڃي ٿو ته ڪڏهن هوڏانهن، کيس ائين ڀڄائڻ سان ڇا ملندو؟ حقيقي آزادي مارچ ان ڪري پيو ڪريان جو انهن ماڻهن کي سيڪيورٽي ٿريٽ سمجهان ٿو، مون فيصلو ڪيو آهي ته جن جا پرڏيهه ۾ اثاثا آهن انهن منجهان ڪنهن کي به عهدو ناهي ڏيڻو. عمران خان وڌيڪ چيو ته مون جيل جي تياري ڪري ڇڏي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ شنوائي دوران صحافي عمران خان کان سوال ڪيو ته جيڪڏهن ضمانت نه ملي ته ڇا ٿيندو؟ ان تي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته مون جيل وڃڻ جي تياري ڪري ڇڏي آهي، ڳجهيون ايجنسيون سرويلنس رکن ٿيون، فون رڪارڊ ٿين ٿا ۽ ليڪ ڪيا وڃن ٿا جيڪو قومي سلامتي جو مسئلو آهي، ايجنسين جو اهو ڪم ناهي ته فون ٽيپ ڪري وري جاري ڪيا وڃن، ڳجهين ايجنسين جو ڪم حفاظت ڪرڻ هوندو آهي، ڳجهن ادارن کان پڇڻ چاهيان ٿو ته آڊيو ليڪس جو ذميوار ڪير آهي. صدر عارف علوي بابت عمران خان چيو ته عارف علوي پنهنجي بيان تي وضاحت پيش ڪري ڇڏي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close