پاڪستانسنڌ

نوري آباد وٽ ٻوڏ متاثرن جي ڪوچ کي باهه، 15 ڄڻا سڙي فوت، 40 کان مٿي زخمي

حيدرآباد/ٿاڻو بولا خان: ڪراچي کان خيرپور ناٿن شاهه ويندڙ ٻوڏ متاثرن جي ڪوچ کي نوري آباد وٽ باهه لڳڻ سبب 15 کان وڌيڪ ماڻهو سڙي فوت ٿي ويا، فوت ٿيندڙن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، جڏهن ته 40 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿيا آهن، زخمين کي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. خبر موجب ڪراچي کان خيرپور ناٿن شاهه ويندڙ ايئرڪنڊشنڊ مسافر ڪوچ نمبر ايل آر ٽي 4107 کي نوري آباد ٿاڻي جي بلڪل سامهون اوچتو باهه لڳي وئي، موٽروي پوليس موجب باهه ايئرڪنڊيشنڊ ڪمپائونڊ ۾ شارٽ سرڪٽ سبب لڳي، جنهن فورن ئي پوري ڪوچ کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو. ڪيترن ئي مسافرن بس جون دريون ٽوڙي ۽ هلندي ڪوچ مان دروازو کولي ٽپو ڏئي جان بچائي ورتي. جڏهن ته اهي سخت زخمي ٿيا آهن، پوليس امدادي ٽيمن سان گڏ ڪارروائي ڪندي 15 لاش ڪڍيا ۽ وڌيڪ امدادي ڪارروايون جاري هيون. نوري آباد پوليس موجب سڙيل لاشن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن.

نوري آباد فائربرگيڊ ڪوچ جي باهه تي ضابطو آندو آهي، مسافر ڪوچ ڪراچي کان خيرپور ناٿن شاهه وڃڻ جي لاءِ مغيري برادري بڪ ڪرائي هئي، اهي ٻوڏ متاثر آهن، جيڪي ڪراچي جي ڪئمپن مان واپس پنهنجي شهر وڃي رهيا هئا ته واقعو پيش آيو آهي. پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته ڪوچ ۾ 70 کان وڌيڪ ماڻهو سوار هئا. ايڌي ذريعن موجب لاشن جي سڃاڻپ فوري طور تي ممڪن نه آهي، زخمين کي ڪراچي ۽ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي.

جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. جڏهن ته هن فوري طور تي ايمبولينسون موڪلڻ ۽ زخمين کي فوري طور تي اسپتالن ۾ پهچائڻ جو حڪم ڏنو. هوڏانهن صوبائي وزير ٽرانسپورٽ ۽ اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ نوري آباد ويجهو ڪوچ کي باهه لڳڻ سبب قيمتي جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. صوبائي وزير ٽرانسپورٽ سيڪريٽري کي معاملي جي جاچ جو حڪم ڏيندي چيو ته معاملي جي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي وڃي ۽ ٽن ڏينهن اندر ذميوارن جو تعين ڪيو وڃي. صوبائي وزير چيو ته معصوم زندگيون ڪنهن جي غفلت سبب ضايع ٿيون؟ ڇا بس ۾ حفاظتي اپاءَ مڪمل هئا؟ ايمرجنسي دروازي ذريعي مسافرن کي ڇو نه ڪڍيو ويو؟ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته حادثي ۾ غفلت ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، اڪثر ٽرانسپورٽر حفاظتي قدمن ۾ غفلت جا ڏوهي ثابت ٿيا آهن ته پوءِ انهن سان به سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته ضلعي انتظاميه ڄامشورو ۽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي آهي، امدادي ڪارروايون جاري آهن، زخمين کي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button