خيرپور: خيرپور ٺري ميرواھه تعلقي جي سوئي گيس شھر جي سوين ڳوٺن مان ڏيڍ مھيني کان برسات ۽ ڊيمن جو گندو پاڻي نيڪال نه ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب خيرپور کان ڊي سي خيرپور جي آفيس تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو، جنھن جي اڳواڻي ڊاڪٽر فياض ويسر، ياسر عرفات ويسر، ڊاڪٽر نعيم ڪٻر، جاويد ويسر، محبوب علي ڪٻر، تعرف ڀٽي، مشتاق شر ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي متاثر ڳوٺاڻن ٻڌايو ته چوماسي جي برساتن کي بند ٿيندي ڏيڍ مھينو ٿي ويو آهي، اسان جي ڳوٺن ڳوٺ ميھر ويسر، ڳوٺ بيگي واھه، ڳوٺ باگو ديرو، ڳوٺ گل حسن ڪٻر، ڳوٺ فضل آباد، ڳوٺ حسين بخش ڀٽي، ڳوٺ مولا بخش شر سميت ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ھن مهل تائين 5 کان 6 فوٽ تائين گندو پاڻي بيٺل آهي، اسان جي علائقن جا رستا، صحت مرڪز ۽ اسڪول پڻ پاڻي هيٺ آهن، جنهن ڪري سوئي گيس جا رھواسي عذاب جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون. ھنن اعليٰ عدالتن ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي سوئي گئس ۽ اسان جي ڳوٺن مان برساتي ۽ ڊيمن جو گندو پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close