پاڪستانسنڌ

گهوٽڪي ڀرسان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻُو قتل، 2 زخمي

گهوٽڪي: گهوٽڪي ڀرسان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، 2 زخمي، وارثن پاران اسپتال اڳيان لاش رکي ڌرڻو خبر موجب گهوٽڪي جي ڪچي واري علائقي نانگ واهه جي ڳوٺ قبول خان سندراڻي ۾ زمين جي مالڪي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران نظير احمد نصيراڻي قتل ٿي ويو. جڏهن ته شهمير ۽ ڪبير نصيراڻي زخمي ٿي پيا. واقعي بعد حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جي لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال آندو ويو. ٻي طرف مقتول جو لاش ڳوٺ کڻي وڃڻ لا ايمبولينس نه ڏني وئي، جنهن بعد مقتول جي وارثن لاش سول اسپتال ۽ ڊي ايس پي جي آفيس اڳيان روڊ تي رکي ڌرڻو هنيو. ڌرڻي دوران تعلقه اسپتال جي ايم ايس مير حسن ڪولاچي خلاف نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي مقتول جي وارثن جو چوڻ هو ته اسپتال جو ايم ايس مقتول جو لاش گهر پهچائڻ لا ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي، جنهن ڪري ايم ايس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. هوڏانهن مقتول جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. پوليس مطابق زمين جي تڪرار تان واقعو پيش آيو آهي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button