اسلام آباد :پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ سينيٽر اعظم سواتي کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب اعظم سواتي کي ايف آءِ اي سائبر ڪرائمز پاران رات دير سان حراست ۾ ورتو ويو آھي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي کي آرمي چيف بابت تڪراري ٽوئيٽس واري معاملي تي گرفتار ڪيو ويو. اعظم سواتي تي ادارن خلاف بيان ڏيڻ ۽ ماڻهن کي مڇرائڻ جهڙا الزام آهن. بعد ۾ ايف آءِ اي گرفتار سينيٽر اعظم سواتي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي اعظم سواتي جي ست ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته اعظم سواتي کي سائبر ڪرائيم ايڪٽ تحت گرفتار ڪيو ويو. اعظم سواتي جي وڪيلن طرفان پي ٽي آءِ سينيٽر تي تشدد جو الزام ھنيو ويو آھي. عدالت ايف آءِ اي جي پاران اعظم سواتي جي جسماني رمانڊ جي استدعا تي فيصلو ٻڌائيندي کيس ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪيو ۽ اعظم سواتي جو فوري طور ميڊيڪل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. عدالت ٻاهران ميڊيا سان صحافين گرفتار ٿيل اعظم سواتي چيو آهي ته کيس هڪ ٽوئيٽ ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو آهي، مون تي تشدد ڪيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close