اسلام آبادپاڪستانسنڌ

سپريم ڪورٽ طرفان سنڌ حڪومت کان ٻوڏ ۾ امدادي سرگرمين جو تفصيل طلب

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ ٻوڏ متاثرن کي سهولتون ڏيڻ بابت ڪيس ۾ سنڌ حڪومت کان امدادي سرگرمين جو تفصيل ۽ پي ڊي ايم اي ۽ ڊسٽرڪٽ ڊيزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي کان جواب گهري ورتو. خميس تي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ درخواست تي شنوائي ڪئي. سنڌ حڪومت جواب جمع ڪرائڻ لاءِ هڪ هفتي جي مهلت گهري ورتي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته ٻوڏ انتظامي اختيارن جو نه پر عوام جي بنيادي حقن جو مسئلو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ عوامي مفاد ۾ حڪم جاري ڪيا هئا. عدالت امدادي سرگرمين ۾ مداخلت نه ڪندي. سنڌ حڪومت کي عدالت کي مطمئن ڪرڻو پوندو ته عوام لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي. ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عدالت کي ٻڌايو ته امدادي ڪمن جي نگراني لاءِ شهري ڪميٽيون جوڙيون ويون. ٻوڏ متاثرن جي وڪيل چيو ته ٽيڪنالوجي جي دور ۾ به جواب لاءِ هڪ هفتي جو وقت گهريو پيو وڃي. ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ماڻهو مري رهيا آهن، جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته جواب اچڻ ۾ دير سان ڪو موت نه پيو اچي. عدالت شنوائي 20 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button