اسلام آبادپاڪستان

ڪنهن به آرمي چيف سان مسئلو ناهي،ڳالهين لا تيار آهيون:فواد چوڌري

اسلام آباد :تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته اسان کي ڪنهن به آرمي چيف سان مسئلو ناهي، مسئلو لڳائيندڙن سان آهي. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته موجوده حڪومت ۾ ماڻهو اليڪٽ نه آڪشن تحت آيا آهن، عام طور تي آڪشن تحت ايندڙ حڪومتن کي اهڙا فيصلا نه ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت اڄ چونڊن جو اعلان ڪري ته استعيفائون واپس ٿي سگهن ٿيون. حڪومت اڳ ۾ چونڊن جو اعلان ڪري پوءِ ويهي ڳالهيون ٿينديون، پي ٽي آءِ حڪومت سان ويهڻ لاءِ 100 سيڪڙو تيار آهي. سندس چوڻ هو ته ملڪ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ اسپيس ڏيڻو پوندو، هاڻي سروي آئي آهي ته سڄو پاڪستان چونڊون چاهي ٿو. ڇا ماڻهو انهن عدالتي فيصلن کي درست ٿا سمجهن، جن سان تازو ماڻهو بري ٿي ويا؟ اهو سڀ ڪجهه اين آر او 2022 تحت ٿي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button