اسلام آبادپاڪستان

گهرو وزارت طرفان عمران خان خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل

اسلام آباد : وفاقي گهرو وزارت طرفان عمران خان خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ وفاقي وزير موقف اختيار ڪيو آهي ته عمران خان اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ ۽ احتجاج جا اعلان ڪري سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ عمران خان کي پرامن احتجاج جي اجازت ڏني هئي پر پي ٽي آءِ چيئرمين هڪ ڀيرو وري اسلام آباد تي چڙهائي جا اعلان ڪري رهيو آهي. وفاقي حڪومت طرفان داخل درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته عدالت عمران خان کي احتجاج ۽ ڌرڻي جي حوالي سان پنهنجن حڪمن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏئي. ياد رهي ته عمران خان اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ جو اعلان ڪيو آهي پر لانگ مارچ جي تاريخ جو اڃا تائين اعلان ناهي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button