اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف جي نااهلي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي. خبرموجب تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عندليب عباس آئين جي آرٽيڪل 62 ون ايف تحت وزيراعظم شهباز شريف جي نااهلي لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته وزيراعظم شهباز شريف اختيارن جو غلط استعمال ڪيو آهي. هو پنهنجي دوري دوران جوابدارن ۽ سزا يافتا ڏوهارين سان ملاقات ڪندو رهيو آهي. درخواستگذار چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي احتساب عدالت 10 سال قيد ۽ 8 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي. عندليب عباس چيو ته پرڏيهي دورن دوران حسين نواز، سلمان شهباز ۽ اسحاق ڊار سان به ملاقاتون ٿيون. وزيراعظم شهباز شريف آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي، ان ڪري کيس نااهل قرار ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close