دادو: سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گهانگهرو جي ميهڙ مان دوائن سميت چوري ٿيل ڪار واپس نه ٿيڻ خلاف سنڌو نواز گهانگهرو جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن، شهرين، وڪيلن ۽ نوجوانن دادو ۾ علامه آ آ قاضي لائبريري کان ريلي ڪڍي شهر جي جي مختلف رستن تان گشت ڪرڻ بعد ايس ايس پي آفيس دادو آڏو نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي پوليس خلاف نعريبازي ڪئي وئي، سنڌو نواز گهانگهرو چيو ته سنڌ ۾ نااهل ۽ ناڪاره ايس ايس پيز مقرر ڪيا ويا آهن، جنهن سبب سنڌ جي هر ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي، ڦرون، ڌارا، اغوا ۽ قتل جا واقعا وڌي ويا آهن، ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ به محفوظ نه آهن، ڪرپٽ پ پ سرڪار سڄي سنڌ کي پوليس اسٽيٽ بڻائي ڇڏيو آهي، هن چيو ته اسان تيستائين خاموش نه ويهنداسين جيستائين چوري ٿيل ڪار واپس نه ٿي ڪرائي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close