جوهي: جوهي لڳ گھٽي جي لنگھه تان جھيڙو ٿي پيو، گوليون لڳڻ سبب ھڪ ڄڻو قتل ٿي ويو، خبر موجب ڪاڇي جي ڊرگھه بالا ٿاڻي جي حد ڳوٺ گزياڻي لنڊ ۾ گھٽي جي لنگھه تان لنڊ برادري جي ٻن ڌرين جي وچ ۾ جھيڙو ٿيو. جنهن جي نتيجي ۾ فائرنگ ۾ 28 ورهين جو نوجوان خالد حسين پٽ غازي خان لنڊ زخمي ٿي پيو، جنھن کي ڊرگھه بالا ٿاڻي تان پوليس ليٽر ڏئي تعلقه اسپتال جوھي روانو ڪيو. جتي زخمن جي سٽ نه سھندي نوجوان دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. جڏهن ته لاش پوسٽ مارٽم لا تعلقي اسپتال آندو ويو. جوھي اسپتال مان لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آھي. مارجي ويل نوجوان جي پي غازي لنڊ موجب 6 جوابدارن گھر تي حملو ڪري سڌيون گوليون ھڻي منھنجي پٽ کي قتل ڪيو آھي. جوابدار ڌر ڳوٺ جا بااثر ماڻھو آھن. ٻئي طرف ڊرگھه بالا پوليس جو چوڻ آھي ته قتل ٿيل جي تدفين بعد وارثن جي فرياد تي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close