ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ ۽ زراعت کاتي جي ٻن مختلف اجلاسن جي صدارت ڪندي هارين کي ڪڻڪ ۽ آئل سيڊ جي فراهمي لاءِ 7 ارب رپين جي منظوري ڏني ۽ چيو ته اسان کي هارين جي همٿ افزائي ڪندي سندن ساٿ ڏيڻو پوندو ته جيئن اهي پنهنجي ٻوڏ هيٺ زمينن کي ربيع جي فصلن لاءِ تيار ڪري سگهن. اجلاس ۾ وڏي وزير جي زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ، صوبائي وزير خوراڪ ۽ ايڪسائيز مڪيش چاولا، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي ۽ سيڪريٽري زراعت اعجاز مهيسر شرڪت ڪئي. وڏي وزير جي زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ چيو آهي ته اٽڪل 369400 ايڪر ايراضي ڪڻڪ جي پوک لاءِ تيار آهي، هارين کي فصل پوکڻ لاءِ ڪڻڪ ۽ آئل سيڊ ڏنو وڃي. وڏي وزير چيو ته هن هارين کي ڪڻڪ ۽ آئل سيڊ ڏيڻ جو اعلان اڳواٽ ئي ڪري ڇڏيو آهي. هن ان مقصد لاءِ 7 ارب رپين جي منظوري ڏني ۽ آبپاشي کاتي کي هدايت ڪئي ته پاڻي جي فراهمي لاءِ پنهنجو نظام مضبوط ڪيو وڃي. هن زراعت کاتي کي ٻڌايو ته اسان کي خريف جي پوک جي شروعاتي ۽ دير سان لڻائي بابت رٿابندي ڪرڻي آهي.
وڏي وزير پنهنجي صلاحڪار منظور وساڻ کي هدايت ڪئي ته هو ٻج جي ورڇ جو طريقيڪار ٺاهي هڪ هفتي اندر منظوري لاءِ پيش ڪري. هوڏانهن وڏي وزير پي اينڊ بي جي اجلاس جي صدارت ڪندي چيئرمين حسن نقوي کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي ماتحت هر شعبي جي ترقياتي پورٽ فوليو جو جائزو وٺي ۽ ٻوڏ ۽ تيز برساتن سبب تباهه ٿيل جاري اسڪيمن جي نشاندهي ڪري. هن چيو ته اسان کي روڊن، عمارتن، پلين ۽ آبپاشي نظام سميت موجوده تباهه ٿيل انفرااسٽرڪچر کي بهتر ڪرڻو آهي. چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي وڏي وزير کي ٻڌايو ته اي ڊي پي 23-2022 ۾ نون اسڪيمن لاءِ 79 ڏهائي 199 ارب رپيا ۽ جاري اسڪيمن لاءِ 253 ڏهائي 145 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وڏي وزير ڪراچي اسڪيمن کانسواءِ جاري ڪيل سمورا فنڊ منجمد ڪري ڇڏيا آهن ۽ انساني وسيلن جي بحالي جي ادائيگين لاءِ فنڊز رکيا ويا آهن. وڏي وزير چيو ته نئين اسڪيمن لاءِ ڪو به نئون فنڊ جاري نه ڪيو ويندو. وڏي وزير چيئرمين پي اينڊ ڊي کي هدايت ڪئي ته هو اسڪيمن جي صورتحال جو جائزو وٺي جنهن ۾ جسماني نقصان جي شرح، اثرائتي لاڳت، ڪم جاري رکڻ جي صورت ۾ لاڳاپيل کاتي کي فنڊ جاري ڪرڻ جي سفارش، اسڪيم جي لاڳت ۽ دائري ۾ تبديلي يا نظر ثاني ٿيل اسڪيمن لاءِ رکيل فنڊ/جاري ڪيل فنڊن جي معطلي/منجمند شامل آهن. چيئرمين پي اينڊ ڊي چيو ته هو تفصيل گڏ ڪري ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ چيئرمين کي پيش ڪندو.