پاڪستانسنڌ

نوري آباد سانحي جي 18 فوتين جي تدفين، “ان فٽ ڪوچ” حادثي جي ذميوار قرار، ڪيس داخل

حيدرآباد: ڪراچي کان ڪي اين شاهه ويندڙ مسافر ڪوچ ۾ سڙي فوت ٿيل 18 جا لاش ايمبولنسن ذريعي خيرپور ناٿن شاهه جي ڳوٺ دوست محمد ڀرڳڙي پهچڻ تي قيامت صغرى برپا ٿي وئي، فوتين جي اجتمائي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، “ان فٽ ڪوچ” حادثي جي ذميوار قرار، ڪوچ جي مالڪ ۽ ڊرائيور تي ڪيس داخل ڪيو ويو. خبر موجب گذريل ڏينهن ڪراچي کان لاڙڪاڻو ويندڙ مسافر ڪوچ ۾ باهه لڳڻ سبب خيرپور ناٿن شاهه واسي هڪ ئي خاندان جي ٻوڏ متاثر معصوم ٻارڙن ۽ عورتن سميت 18 ڄڻن جا مڙهه ايمبولنسن ذريعي خيرپور ناٿن شاهه جي ڳوٺ دوست محمد ڀرڳڙي آندا ويا، مڙهه پهچڻ تي قيامت صغرى برپا ٿي وئي، هر اک آلي ۽ پنهنجن پيارن جي لاشن کي عورتون مرد چنبڙي اوڇگارون ڏيندا رهيا، فوتين جي اجتماعي جنازي نماز ۾ وڏي انگ ۾ ڳوٺاڻن، شهرين، سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي، فوتين جي مڙهن کي سوين آلين اکين سان اباڻي قبرستان ۾ هڪ ئي وقت مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، واضح رهي ته نوري آباد سانحي ۾ هڪ ئي خاندان جا 18 گهرڀاتي سڙي فوت ٿيا هئا، فوتين جي جنازي نماز ۾ موٽروي پوليس ڪراچي جي ايس پي عاطف شهزاد، ميهڙ جي ڊي ايس پي نعيم گوري، پاڪ نيوي آفيسر خاور، مختيارڪار سعيد احمد کونهارو، ايڊووڪيٽ ظفر مغيري، سيد غلام محمد شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

جڏهن ته تڪ جي چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي جي ڪامورن جنازي نماز ۾ شرڪت نه ڪئي، ڪوچ سانحي جي ڪري پورو ضلعو سوڳوار بڻيل آهي، پوئنرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي. هوڏانهن نوري آباد ٿاڻي تي سرڪار پاران سب انسپيڪٽر علي اصغر شوري جي فرياد تي قلم 322، 279، 427 ۽ 320 هيٺ ڪوچ جي مالڪ نور ملڪ ۽ ڊرائيور محمد عمران شيخ خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ايف آ آر موجب ڪوچ کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ ڪي اين شاهه جي مغيري برادري جا 18 گهرڀاتي شاهه زين، مسرور، رضي، مريم، ريشما، سسئي، سويرا، رخسانا، امبرين، اقرا، حانيا، ذوليخان، تانيا، حسين، انيلا ۽ مومن سڙي فوت ٿي ويا. جن جا لاش ظفر علي مغيري حوالي ڪيا ويا آهن. ايف آ آر ۾ ڪوچ کي سفر کان “ان فٽ” قرار ڏنو ويو آهي. ايف آ آر موجب ڊرائيور “ان فٽ ڪوچ” ۾ مسافر ڪراچي کان ڪي اين شاهه کڻي وڃي رهيو هو ته نوري آباد لڳ مڊ وي چڙهائي وٽ فني خرابي سبب ڪوچ کي باهه لڳي وئي. جنهن ڪري 18 مسافر فوت ٿي ويا. ايف آ آر موجب ڊرائيور ۽ ڪوچ مالڪ جي لاپرواهي سان “ان فٽ” گاڏي هلائڻ سبب هي واقعو پيش آيو. ايف آ آر ۾ ڪوچ مالڪ ۽ ڊرائيور خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button