پاڪستان آئل فيلڊ کوڙ جي مک پائيپ لائن مان 15 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ماليت جو تيل چوري ٿيڻ جو انڪشاف ڪيو آهي، سيڪيورٽي انچارج مطابق هڪ آئل ٽينڪر جو پيڇو ڪرڻ تي چوري جو پتو پيو. ڪروڊ آئل چوري ٿيڻ بابت سيڪيورٽي انچارج ڌميال ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو، جنهن بعد هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته سندس 4 ساٿي فرار ٿي ويا. سيڪيورٽي انچارج پنهنجي بيان ۾ چيو ته اٽڪ ريفائنري ڏانهن ويندڙ لائن مان تيل چوري ٿيڻ جو شڪ هو، اسان هڪ ٽينڪر جو پيڇو ڪيو ته چوري بابت پتو پئجي ويو، 5 جوابدار مين لائن مان ڪنيڪشن پلاٽ ۾ کڻي وڃي ٽينڪر ڀري رهيا هئا، هڪ جوابدار جهلجي پيو آهي، جڏهن ته 15 ڪروڙ ماليت جو 7 هزار 400 بيرل تيل چوري ڪيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close