بلوچستان صوبي جي مختلف شهرن ۾ دهشتگرد حملن جو ٿريٽ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي سينٽرل پوليس آفيس ڪوئيٽا طرفان جاري ڪيل الرٽ مطابق پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان طرفان صوبي جي مختلف شهرن ۾ حملن جي ڌمڪي ڏني وئي آهي پر اصل هدف بابت اڃا تصديق نه ٿي سگهي آهي. مليل ڄاڻ موجب بلوچستان جي ضلعن زوب، قلعا سيف الله، زيارت ۽ لورالائي ۾ امڪاني طور دهشتگردي جا واقعا ٿي سگهن ٿا، ان سلسلي ۾ پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي وڌيڪ چوڪس رهڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close