جمعيت علما اسلام ۽ پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عمران خان جو ڦٿڪو ۽ تڙپ ٻڌائي رهي آهي ته اسٽيبلشمينٽ نيوٽرل ٿي چڪي آهي. چارسدا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فضل الرحمان چيو ته وڏو اتحادي هجڻ جو اهو هرگز مطلب ناهي ته مان وزيراعظم جي اختيارن ۾ مداخلت ڪريان، نئين آرمي چيف جي مقرري وزيراعظم جو اختيار آهي، شهباز شريف آئين ۽ ميرٽ تحت فيصلو ڪندو، جيڪو سڀني اتحادين کي قبول هوندو. هن وڌيڪ چيو ته خيبر پختونخوا جي نئين گورنر جي مقرري ۾ ڪا به رڪاوٽ ناهي، ان بابت جلد فيصلو ٿي ويندو، باقي عمران خان جو ڪم ئي ادارن ۾ ويڇا پيدا ڪري عوام کي ويڙهائڻ آهي، هو اسٽيبلشمينٽ کي نيوٽرل ٿيندي ڏسي ڦٿڪي رهيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close