ناڻي جي وفاقي وزير اسحاق ڊار کي آمريڪا ۾ تحريڪ انصاف سان لاڳاپيل ڪارڪنن ايئرپورٽ تي گهيري ورتو ۽ گارگند ڪري بدتميزي جو مظاهرو ڪيو. آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ آمريڪا ويندڙ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سان ايئرپورٽ تي تحريڪ انصاف ڪارڪنن سخت جملن جي ڏي وٺ ڪئي، جڏهن ته نواز ليگ قيادت خلاف نعريبازي پڻ ڪئي وئي. آمريڪا ۾ موجود پاڪستاني سفير وفاقي وزير ۽ سندس ساٿين کي ايئرپورٽ کان ٻاهر وٺي ويو، ان حوالي سان وڊيو سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close