پاڪستان

جيڪو هنن چورن کي اين آر او ڏئي اهو ملڪ جو غدار آهي: عمران خان

اڳوڻي وزيراعظم ۽ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پهريان شهباز گل تي تشدد ڪيو ويو ۽ هاڻي اعظم سواتي کي کنڀي اگهاڙو ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويو، ائين ڪندڙن کي شرم اچڻ گهرجي، جيڪو به هنن چورن کي اين آر او ڏئي رهيو آهي اهو ملڪ جو غدار آهي، اسان هنن جو مقابلو ڪنداسين، جيل ته ڇا جان به ڏيڻ لا تيار آهيان. اهڙو اظهار هن راولپنڊي، چارسدا ۽ مردان ۾ جلسن کي خطاب ڪندي ڪيو. عمران خان چيو ته وفاقي حڪومت جواب ڏئي ته ڇا توهان جو ڪم فقط اهو آهي ته مون تي ڪوڙا ڪيس ٺاهيو، جيڪڏهن ڪير سمجهي ٿو ته مون تي ڪيس داخل ڪري جيل ۾ وجهي ڊيڄاريندا ته اها سندن ڀل آهي، آئون اوترو ئي وڌيڪ زوردار مقابلو ڪندس ۽ پنهنجي قوم کي به تيار ڪندس، هي ملڪ لا فيصلائتو وقت آهي، هڪ پاسي چورن ۽ ڌاڙيلن جي غلامي آهي، جيڪڏهن اهڙي وقت ۾ اسان جهاد نه ڪيو ته ايندڙ پيڙهين کي به هنن چورن جي غلامي ڪرڻي پوندي، آئون جڏهن ڪال ڏيندس ته اسلام آباد ۾ عوام جو سمنڊ اٿلي پوندو. عمران خان چيو ته وڏا چور اربين رپين جي چوري جا ڪيس ختم ڪرائي رهيا آهن. مون تي وري هر روز نئين ايف آئي آر ڪٽجي ٿي ۽ عدالتن ۾ وڃڻو پوي ٿو پر ڊڄڻ وارو ناهيان، چورن جي سامهون ڳاٽ اوچو ڪري بيٺو آهيان، جيل ته ننڍڙي شئي آهي سر ڏيڻ لاءِ به تيار آهيان. هن چيو ته شهباز گل کانپوءِ اعظم سواتي کي گرفتاري بعد اگهاڙو ڪري تشدد ڪيو ويو، جيڪڏهن ادارا اهو سمجهن ٿا تشدد ڪري اوهان پنهنجي عزت ڪرائيندا ته اها اوهانجي ڀل آهي، هاڻي گهڻي دير نه ٿيندي تمام جلد ڪال ڏيڻ وارو آهيان، آزادي کسي وٺڻي پوندي آهي، زنجير ٽوڙيا ويندا آهن، ناانصافي خلاف آواز اٿارڻ جهاد آهي جيڪڏهن ڪنهن کي ملڪ ۾ ڌاڙو هڻڻو آهي ته مان انهن چورن جي سامهون بيٺو آهيان، ملڪ جي حقيقي آزادي لاءِ سڀني کي نڪرڻو آهي. هن وڌيڪ چيو ته مان پهريون ڀيرو چارسدا مان چونڊون وڙهي رهيو آهيان، اميد آهي ته هتان جا رهواسي ميلو کي هارائي مون کي ضرور کٽرائيندا، آچر تي اليڪشن نه پر جهاد آهي، چونڊون کٽڻ بعد چارسدا واسين جا ٿورا مڃڻ ضرور ايندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button