پاڪستانسنڌ

ٿاڻو بولا خان لڳ اسڪول جي شاگردن ۽ استادن جي تعليمي جاڳرتا ريلي

ٿاڻو بولا خان: ٿاڻو بولا خان ڳوٺ علي مراد باريجو ۾ استادن ۽ شاگردن پاران تعليمي جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ ڳوٺ جي استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي ڳوٺ جي مختلف پاڙن ۾ گھر گھر وڃي ڳوٺاڻن کي پنھنجن ٻارڙن کي تعليم ڏيارڻ لا اپيل ڪئي. ان موقعي تي ريلي کي استادن فدا حسين باريجو، عبدالقيوم باريجو، شڪيل احمد باريجو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڪوھستان ۾ تعليم تمام گھٽ آھي. جنھن سبب ھتي تمام گھڻا مسئلا آھن. ھنن چيو ته سوين ٻارڙا تعليم کان محروم آھن، ڳوٺاڻا پنھنجن ٻارڙن کي تعليم ڏيارين ته جيئن اھي مستقبل جا سٺا شھري ثابت ٿي سگھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button