پاڪستانسنڌ

گھر تي زبردستي قبضو ڪندڙ ڀائيٽن خلاف ڄامشورو واسين جو ڪوٽڙي ۾ احتجاج

ڪوٽڙي: ڄامشورو جي معذور ڪٽنب جو ڀائيٽن پاران گھر تي زبردستي قبضو ڪري کين گھر کان بي دخل ڪرڻ خلاف پريس ڪلب ڪوٽڙي اڳيان احتجاج ڪيو ويو، ڪوٽڙي ويجھو ڄامشورو جي سينڊوز روڊ واري علائقي جي رھواسي معذور ڪٽنب پيرسن نيڪ محمد پاھي، گلزار ۽ نظيران پريس ڪلب ڪوٽڙي پھچي صحافين اڳيان دانھيندي چيو ته اسان جي ڀائيٽن ثنا الله، امجد، وحيد، سعيد، حسن ۽ برڪت اسان جي گھر تي زبردستي قبضو ڪري اسان معذورن کي تشدد ڪري گھر کان بيدخل ڪري ڇڏيو آھي. جنھن سبب دربدري واري زندگي گذاري رھيا آھيون. ھنن چيو ته ڪيترائي ڀيرا ڄامشورو پوليس وٽ دانھيو آھي پر پوليس ڪابه مدد ڪرڻ لا تيار ناھي. هنن مطالبو ڪيو ته گھر تان قبضو ختم ڪرائي، جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button