پاڪستانسنڌ

ڪوٽڙي ۾ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل نوجوان جي وارثن جو مظاهرو

ڪوٽڙي: ھڪ ھفتو اڳ ڪوٽڙي ۾ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل نوجوان جي وارثن قاتلن جي گرفتاري لا احتجاجي ڌرڻو هنيو. ڪوٽڙي ويجھو سيشن ڪورٽ روڊ تي نامعلوم ڪار سوار ھٿياربندن فائرنگ ڪري مينھن جي واڙي تي ويٺل نوجوان علي حسن شورو کي قتل ڪري فرار ٿي ويا هئا. جڏهن ته ڪالهه مقتول نوجوان جي وارثن نوجوان جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڪوٽڙي-ڄامشورو روڊ تي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي مقتول نوجوان جي وارثن چيو ته اسان جي نوجوان کي بي گناھه قتل ڪيو ويو آھي، جنھن جا قاتل ھڪ ھفتو گذرڻ جي باوجود پوليس گرفتار ناھي ڪري سگھي. ھنن مطالبو ڪيو ته اسان جي نوجوان جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رھندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button