پاڪستانسنڌ

اسلام ڪوٽ ۾ گڏهن جي چوري جو ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف ڌرڻو

اسلام ڪوٽ: مٺي جي ڦانگاريو چيڪ پوسٽ ڀرسان ڳوٺاڻن پاران مبينا چوري ڪري ڪراچي منتقل ٿيندڙ گڏھن واري واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪيس داخل نه ٿيڻ توڙي ڪمپني انتظاميا جي ناانصافين خلاف ٿرڪول بلاڪ ٽو جي نيو سنهري درس سميت مختلف ڳوٺن جي سوين رهواسين اسلام ڪوٽ-ٿرڪول بلاڪ ٽو، بلاڪ ون ۽ ننگرپارڪر جي مک روڊ تي تاج محمد درس، شاهنواز درس ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي چئن ڪلاڪن تائين روڊ بلاڪ ڪري سخت نعريبازي ڪئي، جنهن سبب ٿرڪول سميت مختلف شهرن توڙي ڳوٺن ڏانهن ايندڙ ويندڙ گاڏيون بيهجي ويون. ان موقعي تي هنن چيو ته ڪيڏي نه حريت جي ڳالهھ آهي جو ٿرڪول ايريا ۾ چرندڙ اسان جا گڏھه جيڪي چوري ڪراچي منتقل ڪيا پئي ويا، اسان اها گاڏي پڪڙي پوليس حوالي ڪئي، گاڏي جي عملي پوليس کي سڀ ڪجھه ٻڌايو ته گڏھه ٿرڪول تي ڪم ڪندڙ ڪمپني جي عملدارن ڏنا ۽ اُهي ڪراچي ڪلفٽن تي پهچائڻا هئا، ان مان اهو صاف ظاهر پيو ٿئي ته اسان جي گڏهن کي وڪرو ٿي ڪيو ويو، پر پوليس ڪمپني انتظاميا جي ونگار وهندي ملوث عملدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي. هنن چيو ته اسان سان ڪمپني زيادتين جي حد ڪري رهي آهي، ڪير دانهن ٻڌڻ وارو نه آهي، ٿر فائونڊيشن جي مئنيجر سبين شاهھ ڪا ڳالهھ ٻڌڻ ته ٺهيو، پر فون به نٿي کڻي، هو چوي ٿي ته ٿر ۾ رڳو ڪوڙ آهي. ڪمپني انتظاميا دنيا کي ڪجهھ ٻيو پئي ڏيکاري ۽ زميني حقيقتون اُبتڙ آهن، اسان کي نه روزگار ٿو ڏنو وڃي، نه وري ڪا سهولت ٿي ملي، چونڊيل نمائندا به سبين شاهھ جي ڪري خاموش آهن. هوڏانهن اينگرو ڪمپني جي عملدارن فرحان انصاري، فياض سومرو ۽ اي سي اختر لاشاري توڙي مختيارڪار عبدالغفار لاکير پهچي احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو. اينگرو ڪمپني جي عملدارن چيو ته گڏهن واري معاملي جي جاچ ڪرائي ويندي، باقي زمينن سميت جيڪي به معاملا آهن، اُنهن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button