
مٺي: ھائي ڪورٽ آف سنڌ ڪراچي سمورن ضلعن جي سيشن ججن کان ھڪ پٽيشن ۾ رليف جي ڪم جي فزيڪل ويريفڪيشن ڪري رپورٽ ڏيڻ جي ھدايت ڪئي آھي. جنهن بعد سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ-II مٺي مريد حسين راڄڙ سيشن جج ٿرپارڪر جي ھدايت تي وڄوٽو ٿاڻي جي حد ۾ ويٺل ٻوڏ متاثرن نئوڪوٽ-مٺي روڊ، نئوڪوٽ قلعي، ڪيٽل ڪالوني، ڳوٺ جعفر دل، ٻڍو ڀيل ۽ نھٽو-مٺي روڊ جو دورو ڪيو ۽ ٻوڏ متاثرن کان روينيو کاتي پاران ڏنل امداد بابت ڄاڻ ورتي. واضع رھي ته سول جج پنھنجي ويريفڪيشن رپورٽ سيشن جج ٿرپارڪر کي ڏيندو، جيڪو رپورٽ ھائي ڪورٽ اماڻيندو.