پاڪستانسنڌ

نوري آباد سانحي جي زخمي هڪ وڌيڪ عورت فوت، ڪوچ ڊرائيور گرفتار

أأحيدرآباد: نوري آباد سانحي جي زخمي ٿيل هڪ وڌيڪ عورت دم ڏنو، سانحي جي فوتين جو انگ وڌي 19 ٿي ويو آهي. وارثن موجب 60 سالن جي دُر بي بي نوري آباد ويجهو ڪوچ کي باهه لڳڻ واري واقعي ۾ سڙي زخمي ٿي پئي هئي، جنهن کي لاڙڪاڻي نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو آهي. هوڏانهن نوري آباد سانحي دوران فرار ٿيل ڪوچ ڊرائيور عمران شيخ کي نوري آباد پوليس پاڪستان پيٽرول پمپ وٽ حيدرآباد ويندڙ روڊ وٽان گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جوابدار کي اڄ ٿاڻو بولا خان جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. پوليس موجب ڪوچ ڊرائيور عمران شيخ کي حيدرآباد روڊ تان گرفتار ڪيو ويو آهي. موٽروي پوليس جي فرياد تي ڪوچ مالڪ ۽ ڊرائيور مٿان غفلت ۽ انساني جانيون ضايع ٿيڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو. ڪوچ مالڪ جي گرفتاري لاءِ پوليس مختلف شهرن ۾ ڇاپا هڻي رهي آهي پر گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.

واضح رهي ته بس کي باهه لڳڻ سبب ڪي اين شاهه واسي 19 ڄڻا سڙي فوت ٿيا هئا. جڏهن ته سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گھانگھرو، پ پ اڳواڻ شير افضل جانوري ۽ خليل سڪندر کوھاري ۽ ٻين خيرپور ناٿن شاهه ويجهو ڳوٺ دوست محمد ڀرڳڙي پهچي نوري آباد سانحي ۾ فوت ٿيل هڪ ئي خاندان جي 18 فردن جي ڏکويل وارثن سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گھانگھرو چيو ته دل ڏکوئيندڙ واقعي بعد خيرپور ناٿن شاهه جي فضا سوڳوار آهي، هر ماڻهو جي اندر ۾ تڏو وڇائجي ويو آهي، ڏکويل مائٽن جي درد کي لفظن ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهجي، هڪ ئي خاندان جا 18 ڀاتي حادثي ۾ سڙي مري ٿا وڃن پر سرڪار جي ڪن تي جون به نه ٿي سري، جيڪڏهن ڪنهن سڌريل ملڪ ۾ اهڙو واقعو پيش اچي ها ته اتان جو وزيراعظم ۽ لاڳاپيل وزير استعيفى ڏئي متاثر خاندان وٽ معافي وٺڻ لاءِ پهچن ها پر هتي بي حسي جو جهان آهي. پڻ تڏي تي پھچي وارثن سان تعزيت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button