اسلام آبادپاڪستان

براڊ شيٽ انڪوائري ڪيس ۾ اڳوڻو نيب چيئرمين طلب

اسلام آباد : براڊ شيٽ انڪوائري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي ۽ وفاقي جاچ اداري اڳوڻي نيب چيئرمين کي طلب ڪري ورتو آهي. ايف آءِ اي اڳوڻي نيب چيئرمين نويد احسن کي طلب ڪيو آهي. جڏهن ته نيب جي ليگل ڪنسلٽنٽ احمد بلال صوفي کي پڻ طلبي جو نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. ٻنهي کي يارنهن ۽ ٻارنهن آڪٽوبر تي طلب ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب ٻنهي اڳوڻن آفيسرن ڏانهن پهريان به نوٽيس اُماڻيا ويا هئا ۽ ٻئي ڄڻا اڃا تائين جاچ ۾ شامل نه ٿي سگهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button