اسلام آبادپاڪستان

ملڪ ۾ 19 پئسا في يونٽ بجلي مهانگي،رڳو ڪراچي لا 4 رپيا سستي

اسلام آباد:نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪراچي لاءِ آگسٽ جي ماهوار فيول چارجز ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ بجلي 4 رپيا 89 پئسا في يونٽ سستي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. نيپرا بجلي جي قيمتن بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪندي چيو ته ڪراچي جي شهرين لاءِ هڪ مهيني لاءِ ماهوار فيول چارجز ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ بجلي جي قيمت ۾ 4 رپيا 89 پئسا في يونٽ لاٿ ڪئي وئي آهي. نيون قيمتون هلندڙ مهيني آڪٽوبر جي بلن تي لاڳو ٿينديون. قيمتن ۾ لاٿ لائف لائن واهپيدارن تي لاڳو نه ٿيندي. ٻئي پاسي نيپرا ڪراچي کان علاوه سڄي ملڪ ۾ فيول چارجز ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ بجلي جي قيمت ۾ 19 پئسا في يونٽ واڌ جي منطوري ڏئي ڇڏي آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو ته ان تي عمل صرف آڪٽوبر جي بلن تي ٿيندو. جڏهن ته ان جو لائيف لائن، اليڪٽرڪ ويڪل چارجنگ اسٽيشن کان علاوه ڪي اليڪٽرڪ واهيپيدارن تي به لاڳو نه ٿيندو. هن کان اڳ 29 سيپٽمبر تي نيپرا ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي آگسٽ جي مهيني لاءِ ماهوار فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ بجلي 4 رپيا 21 پئسا في يونٽ سستي ڪرڻ جي درخواست تي شنوائي ٿي هئي. ان درخواست جي شنوائي تي نيپرا ڪراچي جي واهپيدارن لاءِ آگسٽ جي ماهوار فيول ايدجسٽمنٽ جي مد ۾ بجلي 4 رپيا 87 پئسا في يونٽ سستي ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button