اسلام آبادپاڪستان

سينيٽ ۾ اعظم سواتي جي گرفتاري تي احتجاج،گوڙ،پروڊڪشن آرڊر لا درخواست

اسلام آباد: سينيٽ ۾ پي ٽي آئي جي ميمبرن اعظم خان سواتي جي گرفتاري تي سخت احتجاج ڪندي ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون. ڊپٽي چيئرمين سينيٽ مرزا محمد آفريدي جي صدارت هيٺ سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر اعظم سواتي جي گرفتاري خلاف پي ٽي آئي ميمبر ٻانهن تي ڪاريون پٽي ٻڌي شريڪ ٿيا. پي ٽي آئي سينيٽرز طرفان چيئرمين سينيٽ جي ڊائيس جي سامهون پهچي احتجاج ڪيو ويو ۽ نعريبازي ڪئي وئي. ٻئي پاسي (ن) ليگ جي سينيٽر ڊاڪٽر افنان الله ڪورم پورو نه هجڻ جي سڃاڻپ ڪئي، جنهن کان پوءِ سينيٽ ۾ گهنٽيون وڄايون ويون. سينيٽ ۾ ڪورم پورو نه هجڻ تي اجلاس سومر جي شام 4 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو، جنهن تي پي ٽي آئي سينيٽرز طرفان ڀڄي ويا ڀاڳوڙا جا نعرا لڳايا ويا. جڏهن ته سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهزاد وسيم اعظم سواتي جا پروڊيڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي. جمعي تي. اعظم سواتي جي پروڊيڪشن آرڊر لاءِ اپوزيشن ايوان اندر ۽ ٻاهر احتجاج ڪيو. پي ٽي آئي سينيٽرز قومي اسيمبلي جي رستن تي احتجاج ڪندي چيئرمين سينيٽ چيمبر پهتا ۽ اعطم سواتي جو پيغام پهچايو. مخالف ڌر اڳواڻ شهزاد وسيم پاران اعظم سواتي جو پروڊيڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جي درخواست سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي وئي. اپوزيشن چيو ته حڪومت ڪيستائين ايوان کان فرار ٿي رهندي، شهزاد وسيم اعظم سواتي جي گرفتاري تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته اعظم سواتي نه پر پارليامينٽ کي ننگو ڪيو ويو. سوال اٿاريندا رهنداسين جواب ته ڏيڻو پوندو. اعجاز چوڌري چيو ته پاڪستاني قوم جي ترجمان 16 آڪٽوبر تي ٿي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button