اسلام آباد :سپريم ڪورٽ صدارتي ريفرنس جي شنوائي جوڳي هئڻ جي حوالي سان واريل اعتراض رد ڪندي آئين جي آرٽيڪل 63 اي جي تشريح جو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. اڪثريتي فيصلو چيف جسٽس منيب اختر لکيو آهي جيڪو 95 صفحن تي ٻڌل آهي. فيصلي جي شروعات چيف جسٽس مارشل جي قول سان ڪئي وئي آهي. چيف جسٽس مارشل چيو هو ته اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته اسان جو ڪم رڳو آئين جي تشريح ڪرڻ آهي. لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته باغي رڪن جو پارٽي جي هدايتن خلاف ڪاسٽ ڪيل ووٽ نه ڳڻيو ويندو ۽ باغي ميمبر جي نااهلي جي مدي جو تعين پارليامنٽ ڪندي. آئين ۾ پارٽي جي هدايتن لاءِ پارلياماني پارٽي جو ذڪر آهي، پارٽي هيڊ جو نه. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پارليامينٽ ميمبرن کي راءِ جي اظهار جي مڪمل آزادي حاصل آهي پر راءِ جي اظهار جي ان آزادي جو استعمال آرٽيڪل 63 اي جي روشني ۾ ووٽ وجهندي نٿو ٿي سگهي. صدارتي ريفرنس شنوائي جوڳي هجڻ تي واريل اعتراض رد ڪريون ٿا. صدراتي ريفرنس تي واريل اعتراضن جا جواب سپريم ڪورٽ پهريان ئي ڏئي چڪي آهي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وزيراعظم يا وڏي وزير پارلياماني پارٽي ۾ اعتماد وڃائي ويهي ته کيس بي اعتماد يا اعتماد جو ووٽ کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. اسيمبلي رڪن جو پارٽي جي هدايتن خلاف ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ پارلياماني جهموري نظام لاءِ هاڃيڪار آهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اسيمبلي ميمبرن اظهار جي آزادي واري حق کي ڪيس ۾ پڻ تحفظ ڏنو ويو آهي. اسيمبلي ميمبر ووٽ جي معاملي تي پارٽي اندر بحث، اتفاق يا عدم اتفاق ڪري سگهن ٿا. جڏهن معاملو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جو ايندو آهي ته پوءِ صورتحال مختلف هوندي. ووٽ وجهڻ وقت آرٽيڪل 63 اي تحت پارلياماني پارٽي جي هدايتن تي عمل ڪرڻو پوندو. عدالتي فيصلي ۾ چيوويو آهي ته سمورين سياسي پارٽين جي آئين ۾ ڏنل حق برابر آهن،سڀ پارٽيون آئين جي نظر ۾ برابر آهن، ننڍين جماعتن کي پڻ ڪم ڪرڻ جي مڪمل آزادي هئڻ گهرجي. جسٽس مظهر عالم ميان خيل ۽ جسٽس جمال خان مندوخيل اڪثريتي فيصلي سان اختلاف ڪيو هو جڏهن ته چيف جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس اعجاز الحسن ۽ جسٽس منيب اختر باغي ميمبرن جو ووٽ نه ڳڻڻ جو فيصلو ڏنو هو، جسٽس مظهر، جسٽس جمال پڻ باغي رڪن جو ووٽ ڳڻپ ۾ شمار نه ڪرڻ جو فيصلو ڏنو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close