اسلام آبادپاڪستان

راڻا ثناءُالله جي عمران بابت بيان تي پي ٽي آ جو پيمرا سان رابطو

اسلام آباد :وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله جي چيئرمين عمران خان خلاف بيان تي تحريڪ انصاف پيمرا سان رابطو ڪري ورتو. پي ٽي آئي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر افتخار دراني پاران چيئرمين پيمرا کي خط لکيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو ته راڻا ثناءُالله ٽي وي پروگرام ۾ چيئرمين خلاف نهايت غير مناسب زبان استعمال ڪئي هئي. هن چيو ته 13 آڪٽوبر 2022 تي راڻا ثناءُالله کي ٽي وي پروگرام ۾ گهرايو ويو. پروگرام جي شروعات ۾ ئي هن عمران خان خلاف نهايت گٿي ۽ مذمت جوڳي زبان استعمال ڪئي. هن چيو ته انهن شرمناڪ لفظن ۾ قومي ميڊيا تي نشريات جي پيمرا قانون ۽ ضابطي اخلاق ۾ ڪائي گنجائش نه آهي. ميزبان حامد مير پاران ان بيهوده ڳالهه ٻولهه تي گهرو وزير کي نه ٽوڪيو ويو نه ان کي گفتگو مان ڪڍيو ويو. هن چيو ته گفتگو جي ان حصي کي پروگرام جي نشر ۽ سماجي ميڊيا تي بنا ڪنهن تبديلي جي جاري ڪيو ويو. چيئرمين پيمرا کي التماس آهي ته ڄاڻايل پروگرام ۽ ٽي وي چينل پاران اعتراض جوڳي مواد جي نشريات جو فوري نوٽيس وٺي. هن چيو ته هن مواد کي ميڊيا ۽ سماجي ميڊيا تان فوري طور تي هٽائڻ گهرجي. پروگرام جي پروڊيسر، ڊائريڪٽر ۽ ايڊيٽر سميت لاڳاپيل ماڻهن جي خلاف پيمرا ضابطي اخلاق جي روشني ۾ ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button