پاڪستانسنڌ

راضيديرو ۾ ڪمند جو اگهه مقرر نه ٿيڻ ڪري آبادگارن چيچڙا هڻي ڇڏيا

راضيديرو: راضيديرو ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن ڪمالديرو، ستابو، گهرام، لنڍي شيخ، صوبدار ڪلهوڙو، قائم الدين ڪلهوڙو، دُٻي، کيمٽيا، جاڙا کوهه، احمد آباد جکڙ، ڪيچي واهڻ، جادو واهڻ ڳوٺن سميت ڪيترن ئي ڳوٺن ڀرسان زمينن ۾ برساتي پاڻي بيٺل هئڻ ڪري هاري ۽ آبادگار سخت پريشان آهن ۽ ڪڻڪ جي پوکي سخت متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي. هاري ۽ آبادگار چيچڙا هڻي ڪمند جي رس مان ڳڙ ۽ مٺائي تيار ڪري وڪرو ڪري رهيا آهن. ان سلسلي ۾ هارين ۽ آبادگارن جاويد ڪلهوڙو، شمن علي، اصغر علي آرائين، عمران علي، اعجاز جکڙ، شهمير علي ۽ ٻين ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو آهي ته شگر ملون وقت تي نه هلڻ ۽ اگهه مقرر نه ٿيڻ سبب چيچڙا هلائي ڳڙ ۽ مٺائي تيار ڪري گذر سفر ڪريون پيا، مهانگائي جي حساب سان ڪمند جو في مڻ اگهه 400 يا 350 رپيا مقرر ڪري وقت تي ملون هلايون وڃن، في ايڪڙ مان 70 کان 80 مڻ ڳڙ يا مٺائي تيار ٿئي ٿي. جڏهن ته ڳڙ مٺائي ٺاهڻ لاءِ سوڍا، رن ڪاٽ، سرنهن جو تيل ۽ ٻيون شيون پڻ استعمال ٿين ٿيون. بهترين ڪوالٽي وارو اڇو ۽ صاف ڳڙ 3800 کان چار هزار، جڏهن ته بهترين اڇي مٺائي چار هزار کان 45 سئو تائين وڪرو ٿئي ٿي. هنن چيو ته جيڪڏهن وقت تي ڪمند جي ڪٽائي نه ڪئي ۽ زمين مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو ته ڪڻڪ جي پوکائي متاثر ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button