اسلام آبادپاڪستان

چونڊون آئين موجب پنهنجي وقت تي ٿينديون:خواجا آصف

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)بچا جي وزير خواجا آصف چيو آهي ته جيئن وقت کان اڳ چونڊن جو فيصلو ٿيو ته حڪومت پاڻ ڪندي. چونڊون آئين موجب پنهنجي وقت تي ٿينديون. ڪالهه وفاقي وزيرن سان گڏ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير چيو ته مسلم ليگ نون آئين ۽ قانون جو احترام ڪندي آهي، اسان انتقام جي سياست تي يقين نٿا رکون. اسان جون ساڍا ٽي سال دنيا سان تعلقات خراب رهيا هاڻي گهڻي حد تائين بهتر آهن. هن چيو ته وزيراعظم جو پرڏيهي دورو ڪارائتو ثابت ٿيو چاليهه ملڪن جي سربراهن سان ملاقات ٿي. هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ حمزا شهباز سميت مريم جي بريت تي سوال ڪيا ويا. جڏهن ته چئن کان پنج سال هو پنهنجي قول ۽ فعل سان ثابت ڪندا رهيا ته عدليا جي نظام خلاف ورزي نٿا ڪرڻ چاهين ۽ انهن جو احترام ٿا ڪن. هنن جيلون ڪاٽيون ۽ ضمانتن تي آزاد ٿيا گوگي وانگر آفيسن ۾ فيصلا نه ٿيا. بي آر ٽي، مالم جبا ۽ ٽري سونامي ڪيسز جيان بند نه ٿي ويا، پوري عمل مان گذري ويا تڏهن به عمران خان گوڙ ٿو ڪري. خواجا آصف چيو آهي ته بندش پيل تحريڪ طالبان پاڪستان ( ٽي ٽي پي ) جي معاملي تي اڃا تائين ڪجهه طئي ناهي ٿيو.سوشل ميڊيا جي حوالي سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته سوشل ميڊيا جو غلط استعمال ۽ ڪوڙين خبرون هن وقت سڀني جو مسئلو آهي، ميڊيا هڪ حقيقت آهي پر ان جو دارومدار ان تي آهي ان کي استعمال ڪيئن ڪجي. ميڊيا موسمياتي تبديلي جي آگاهي سميت ڪيئي اهم معاملن ۾ ڪارائتي آهي.سوات ۾ ٽي ٽي پي جي دهشتگردن جي موجودگي جي حوالي سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته سوات جي صورتحال بنيادي طور تي اتان جي حڪومت جي ناڪامي آهي، وفاقي حڪومت سدائين سندن مدد ۽ کين سهولتون فراهم ڪيون آهن، اميد آهي ته صورتحال تي ضابطو آندو ويندو. سندس چوڻ هو ته افغانستان ۾ امن پاڪستان لاءِ تمام گهڻو ضروري آهي، ائين ئي پاڪستان جي امن لاءِ پڻ افغانستان جي اهيمت آهي، گذريل ٽن مهينن دوران اسان ڪيئي فوجي جوانن جون قربانيون ڏئي چڪا آهيون، ٽن ڏهاڪن کان سيڪيورٽي فورسز فرنٽ لائين تي وڙهي رهيون آهن. بچاءَ واري وزير چيو ته ٽي ٽي پي واري معاملي تي اڃا تائين ڪجهه طئي ناهي ٿيو، سڪيورٽي معاملي ۾ سياسي بحث نه ٿيڻ گهرجي، فوج پاڻ چئي رهي آهي ته اسان نيوٽرل آهيون، جيڪڏهن ڪير چئي ته کين نيوٽرل نه رهڻ گهرجي ته ان جو علاج وقت ئي ڪندو، نيوٽريلٽي کي دنيا ۾ تمام گهڻي عزت ڏني ويندي آهي. آرمي چيف جي مقرري بابت ڳالهائيندي خواجا آصف چيوته ڪير ڪجهه به چوي سپهه سالار جي مقرري آئين پٽاندڙ ٿيندي. هڪ سوال جي جواب ۾ بچاءُ واري وزير جو چوڻ هو ته مودي سرڪار ۾ مسلمانن سان جيڪو ڪجهه ڪيو پيو وڃي اهو سڀني جي سامهون آهي، ايران ۾ مظاهرا ايران جي اندروني مسئلو آهي، بنيادي حقن جي عزت ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ڀارتي چئنل ايراني بابت ڳالهيون ته ڪري رهيا آهن پر ڪشمير جي صورتحال سڄي دنيا جي آڏو هئڻ باوجود ڀارتي ٽي وي چئنل خاموش آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button