اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

هفتي ۾ عام واهپي واري 18 شين جي اگهن ۾ واڌ، 17 شين ۾ لاٿ

اسلام آباد : هڪ هفتي ۾ عام واهپي واري 18 شين جا اگهه وڌي ويا آهن. وفاقي ڳڻپ واري کاتي پاران جاري ڪيل هفتيوار رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سڄي ملڪ ۾ هاڻوڪي هفتي دوران عام واهپي واري 18 شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي آهي. ملڪ ۾ لڳاتار ٻه هفتا واڌ کانپوءِ ٻيهر مهانگائي جي شرح ۾ لاٿ اچڻ شروع ٿي وئي آهي. هاڻوڪي هفتي ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 0 ڏهائي 57 سيڪڙو لاٿ ٿي. جڏهن ته سالياني بنيادن تي انهي مدي ۾ مهانگائي جي شرح 29 ڏهائي 44 سيڪڙو گھٽ ٿي 28 ڏهائي 44 سيڪڙو جي شرح تي اچي وئي. وفاقي ڳڻپ واري کاتي هفتيوار مهانگائي جي انگن اکرن بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب هاڻوڪي هفتي عام واهپي واري 18 شين جي اگهن ۾ واڌ ۽ 17 شين ۾ لاٿ ٿي، جڏهن ته 16 شين جا اگهه مستحڪم رهيا آهن. ڳڻپ واري کاتي موجب هاڻوڪي هفتي بصرن جي اگهه ۾ 1 ڏهائي 57 سيڪڙو، ٽماٽن جي اگهه ۾ 13 ڏهائي 51 سيڪڙو، انڊن جي اگهه ۾ 2 ڏهائي 12 سيڪڙو، مهري دال جي اگهه ۾ 2 ڏهائي 7 سيڪڙو، چڻن جي دال جي اگهه ۾ 1 ڏهائي 39 سيڪڙو ۽ ايل پي جي جي اگهن ۾ 2 ڏهائي 76 سيڪڙو لاٿ ٿي آهي. ڳڻپ واري کاتي جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پٽاٽن جي اگهه ۾ 1 ڏهائي 78 سيڪڙو، خشڪ کير جي اگهه ۾ 3 ڏهائي 82 سيڪڙو، ماچس باڪس جي اگهه ۾ 5 ڏهائي 65 سيڪڙو، باهه ٻارڻ وارين ڪاٺين جي اگهه ۾ 2 ڏهائي 9 سيڪڙو، سادي ماني جي اگهه ۾ 2 ڏهائي 5 سيڪڙو ۽ چانهن جي پتي جي اگهه ۾ هڪ ڏهائي 24 سيڪڙو لاٿ آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هاڻوڪي هفتي عام واهپي واري 16 شين جا اگهه مستحڪم رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button