پاڪستانسنڌ

رسڪ الائونس بند، سرڪاري اسپتالن ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ، مظاهرا

حيدرآباد: صحت کاتي جي ملازمن رسڪ الائونس بند ڪرڻ خلاف اسپتالن ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري اڪثر شهرن ۾ احتجاج ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ گرينڊ هيلٿ الائينس سنڌ جي عهديدارن ڊاڪٽر محبوب علي نوناري، ڊاڪٽر محمد خان شر، اعجاز ڪليري ۽ پيرا ميڊيڪل تنظيمن جي اڳواڻن خادم مستوئي، شريف پالاري، اخلاق احمد، غفار رند ۽ ٻين سنڌ جي ناڻي واري کاتي پاران رسڪ الائونس جي بندش واري فيصلي کي رد ڪندي 24 ڪلاڪن اندر گرينڊ هيلٿ الائينس جو هڪ ٻيو اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن ۾ حڪومت کي رسڪ الائونس جي بندش جو ليٽر واپس وٺڻ تي مجبور ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙيندا. هوڏانهن گرينڊ هيلٿ الائينس جي سڏ تي حيدرآباد جي سمورين سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن، پيراميڊيڪل اسٽاف ۽ ٻئي عملي ٽوڪن احتجاج ڪندي او پي ڊي جو ڪجهه وقت لاءِ بائيڪاٽ ڪيو. ٽنڊوالهيار ۾ پيرا ميڊيڪل عملي ايشوا جي صدر غلام رسول خاصخيلي، فيض لغاري، جاويد بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري ڌرڻو هنيو. اسلام ڪوٽ ۾ رورل هيلٿ سينٽر ۾ ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل عملي ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ڊاڪٽر عبدالستار لنجو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو. شاهپورجهانيان جي مختلف اسپتالن گچيرو پراڻو، رحيم چنڊ ۽ بنيادي صحت مرڪز ملو اسماعيل ٻگهيو ۾ راضي خان عالماڻي، خادم ملڪ، رياض احمد ڀٽو، وزير علي ٻگهيو، راجا شيخ ۽ منظور علي ٻگهيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ميهڙ ۾ پيرا ميڊيڪل عملي ڊاڪٽر امام الدين کوسو، ڊاڪٽر هدايت علي کوسو، خان محمد کوسو، مختيار کوسو ۽ اشفاق ڏيپر جي اڳواڻي ۾ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي تعلقي اسپتال جي گيٽ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو. هنن سنڌ سرڪار کان گهر ڪئي ته رسڪ الائونس بند ڪرڻ جو فيصلو واپس ورتو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button