پاڪستان

ملتان ۾ نشتر اسپتال جي ڇت تان لاوارث لاش مليا، وڊيو وائرل ٿيڻ تي جاچ جو حڪم

ملتان جي نشتر اسپتال ۾ عملي لاوارث قرار ڏنل ڪيترائي لاش عمارت جي ڇت تي اڇلائي ڇڏيا، اسپتال جي ڇت تي ٺهيل ڪمري ۽ اڱڻ مان لاش هٿ اچڻ ۽ وڊيو وائرل ٿيڻ تي سڄي ملڪ ۾ ٻڙڌڪ مچي ويو، پنجاب جي وڏي وزير معاملي جي جاچ لا ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. تفصيل موجب ملتان ۾ نشتر اسپتال جي ڇت تان ڪيترائي لاش هٿ آيا آهن. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته نشتر اسپتال جي ڇت تي ٺهيل ڪمري ۾ ڳريل لاش پيل هئا، جڏهن ته ڇت جي آڳر تي به لاوارث لاش موجود هئا. نشتر ميڊيڪل يونيورسٽي جي ترجمان ڊاڪٽر سجاد مسعود چيو آهي ته نشتر اسپتال جي ڇت تي لاوارث لاشن جو انگ 4 هو، قدرتي طور تي خشڪ ڪيل لاش شاگردن جي پڙهائي لا هوندا آهن ۽ 4 کان 5 سال پراڻا لاش شاگردن کي پڙهائڻ لا استعمال ڪيا ويندا آهن، لاشن بابت سي پي او کي اڳواٽ اطلاع ڏنو ويو هو. ٻئي طرف سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي ڇت تي لاوارث لاش رکڻ جو نوٽيس وٺندي 6 رڪني جاچ ڪميٽي جوڙي ورتي آهي، جڏهن ته صوبائي سيڪريٽري اسپيشلائزڊ هيلٿ ڪيئر اينڊ ميڊيڪل ايجوڪيشن کان ٽن ڏينهن اندر رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي. وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي پنهنجي بيان ۾ چيو ته لاش اسپتال جي ڇت تي اڇلائڻ غير انساني عمل آهي، ذميوار عملي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button