پاڪستانسنڌ

فريدآباد ۾ واهر نه ٿيڻ خلاف ڪاڇي جي ٻوڏ متاثرن جو ڌرڻو

فريدآباد: فريدآباد ۾ ڪاڇي جي ٻوڏ متاثرن واھر نه ٿيڻ ۽ راشن نه ڏيڻ خلاف مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان سلسلي ۾ فريدآباد ۾ واهر نه ٿيڻ ۽ راشن نه ملڻ خلاف ڳوٺ علي گوهر چانڊيو، سڄڻ ميرواڻي ۽ ٻين ڳوٺن جي ٻوڏ متاثرن نظر حسين چانڊيو، غلام علي چانڊيو، گلاب تيوڻو ۽ ٻين فريدآباد-شاھه گودڙيو روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ انتظاميا توڙي مقامي اڳواڻن خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ٻوڏ متاثرن صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته غلام مصطفى چانڊيو ۽ امين بروهي مهينو اڳ اسان کان ڳوٺن جون لسٽون ورتيون ته اوهان کي مختلف تنظيمن ۽ حڪومتي ادارن کان ٽينٽ، کائڻ پيئڻ جو راشن ۽ ٻيو سامان وٺي ڏيون ٿا، جنهن کي مهيني کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي، پر لسٽون وٺي ويندڙ فراڊين اسان کي سامان ناهي ڏنو، پڇا ڪرڻ تي ڄاڻايل ماڻهن ڌمڪيون ڏنيون. هنن ڊي سي دادو ۽ ڊي جي رينجرس کان مطالبو ڪيو ته جي ايم چانڊيو ۽ امين بروهي خلاف ورتل سامان جي جاچ ڪرائي اسان کي راشن ۽ ٽينٽ ڏياري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button