پاڪستانسنڌ

مراد شاهه ۽ خرم دستگير ۾ ملاقات، ڪي اين شاهه گرڊ جي بحالي تي ڳالهيون

خيرپور ناٿن شاھه: خيرپور ناٿن شاهھ ۾ وفاقي وزير توانائي خرم دستگير ڪي اين شاھه گرڊ اسٽيشن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم شھباز شريف جي هدايتن تي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ بجلي جي بحالي ۾ آيل رڪاوٽن کي ختم ڪري بجلي جي بحالي لاءِ ڪي اين شاهه گرڊ اسٽيشن جو دورو ڪيو آهي. 2022ع جي ٻوڏ ۾ ڪي اين شاهه جي عوام کي گھڻي تڪليف ٿي آهي، ھن ٻوڏ ۾ شھر ۾ پاڻي 8 کان 10 فوٽن تائين پاڻي موجود هو، ھن وقت به گرڊ اسٽيشن ۾ پاڻي 4 کان 5 فوٽ بيٺل آهي، ڪي اين شاهھ ۾ بجلي کي ڪجھه ھفتا اڳ جزوي طور بحال ڪيو ويو آهي، پر مڪمل بحال نه ٿي سگھي آهي، جنھن جي گھٽ وولٽيج جي ڪري پمپن ذريعي پاڻي ڪڍڻ ۾ رڪاوٽ اچي وئي آهي، عارضي طور تي گرڊ اسٽيشن کي چوطرف بنڌ ٻڌي موٽرن وسيلي پاڻي ڪڍي ڪري بجلي کي جلد بحال ڪيو ويندو ۽ آئينده اھڙين آفتن کان بچڻ لاءِ گرڊ اسٽيشنن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ انتظام ڪيا ويندا. ھن وڌيڪ چيو ته ھن شھر توڙي آسپاس جي ڳوٺن ۾ رھندڙن ماڻھن کي بجلي جي بلن ۾ رليف ڏنو ويندو. ان موقعي تي آبپاشي وزير ڄام خان شورو، فوڪل پرسن فياض ٻٽ ۽ ڪمشنر حيدرآباد موجود هئا. ٻئي پاسي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ بجلي واري وفاقي وزير خرم دستگير ۾ وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ ٻنهي برساتن ۽ ٻوڏ ۾ پاڻي هيٺ آيل خيرپور ناٿن شاهه گرڊ اسٽيشن جي بحالي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وڏي وزير چيو ته خيرپورناٿن شاهه مڪمل پاڻي هيٺ اچڻ سبب گرڊ اسٽيشن ۾ به پاڻي ڀرجي ويو آهي. ھاڻي نالن ذريعي پاڻي نڪرڻ شروع ٿي ويو آھي، پر گرڊ اسٽيشن جي هيٺائين علائقن مان فقط پمپنگ مشينن جي مدد سان پاڻي نيڪال ڪري سگھجي ٿو. گرڊ اسٽيشن بند هجڻ سبب پمپنگ اسٽيشن ۽ مشينن کي بجلي نٿي ملي. وفاقي وزير چيو ته هوءَ مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ئي آيو آهي. حيسڪو عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته گرڊ اسٽيشن کي 5 ڏينهن اندر فعال بڻايو وڃي. اجلاس ۾ توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ پڻ شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button