پاڪستانسنڌ

شهدادپور ۾ حضرت دريا خان ڪپري جي ميلي ۾ زبردست ملاکڙو

شھدادپور: شھدادپور ڀرسان مشهور بزرگ حضرت دريا خان ڪپري جو ساليانو 3 ڏينهن وارو ميلو پڄاڻي تي پهتو. ميلي جي ٽنهي ڏينهن تي مٺائي، رانديڪن جا اسٽال، ٻارن لا جهولا، ريل گاڏي ۽ ٻيا تفريحي اسٽال لڳايا ويا هئا. آخري ڏينهن تي ملاکڙو پڻ ٿيو، جنهن جي صدارت درگاهھ جي متولي منير احمد ڪپري ڪئي. ان موقعي تي سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي ملهھ پهلوانن ۾ زور آزمائي جا دلچسپ مقابلا ٿيا، جنهن ۾ مير حسن ڀنڀرو، لالا غلام حسين پٺاڻ، گل بهار ڀنڀرو، شهباز شيدي، ضمير شيدي، راحب شيدي، ڍولڻ ملوکاڻي، مدد ٻٻر، برقت پهوڙ، سوڍو جوڻيجو، فداحسين پٺاڻ، عدنان خاصخيلي ۽ ٻين حصو ورتو، جن هڪٻئي کي ملهون ٻاري داد ۽ انعام حاصل ڪيا. ضمير شيدي، زبير علي، محمد علي کي مخالف پهلوانن دسي ٻوڙي بيهوش ڪري وڌو. پڄاڻي تي پهرين ٻئي ۽ ٽئي جوڙ جي ڪامياب ملھه پهلوانن مير حسن ڀنڀرو کي 6 هزار، لالا غلام حسين پٺاڻ کي 5 هزار، شھباز شيدي 2 هزار ۽ گل بهار ڀنڀري کي 2 هزار روڪ انعام ڏنو ويو. گلزار فقير لاشاري ملاکڙي جي شوقينن کي بيتن، لطيفن، ڀوڳن چرچن سان کلائي کلائي کيرو ڪري وڌو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button