پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ تعلقي جا 20 لنڪ روڊ اکڙي ويا، حادثا معمول بڻيل

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ تعلقي جا 20 کان وڌيڪ لنڪ روڊ راجارستي کان ولهيٽ، بودرفارم کان ڪرنا موري، ڍورونارو کان انور پلي، بلاول هاليپوٽو، ٿرواهھ موري کان ٻيرڇن راجارستي کان بودرفارم ۽ خانصاحب جي ڳوٺ کان ڪرناموري سميت مختلف لنڪ روڊ ڳچ عرصو مرمت نه ٿيڻ سبب هنڌان هنڌان اکڙي تباھه ٿي ويا آهن، جنهن سبب حادثا ۽ ڦرون معمول بڻجي ويون آهن. روڊس کاتي جي عملدارن جي نااهلي سبب روڊن ۾ پيل کڏن جي مرمت ڪرائڻ بدران مٽي جي ڀرائي ڪرائي جان ڇڏائي وئي آهي، جنهن سبب مٽي ۽ دز سبب علائقي واسي مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ۽ روڊن جي ٻنهي پاسن کان گهاٽا وڻ وري ويا آهن. ان سلسلي ۾ سماجي اڳواڻن عبدالله بنگلاڻي، وڪيل امرچند ڀيل، ذاڪر بنگلاڻي، جانڻ سنڌي ۽ ٻين چيو ته عمرڪوٽ تعلقي جي اڪثر لنڪ روڊن ۽ مورين جي حالت انتهائي خراب آهي، جن جي مرمت لا آيل پئسا روڊس کاتي جي ڪامورن ملي ڀڳت ڪري هڙپ ڪيا آهن، روڊن ٺهڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هر حڪومتي دور ۾ مرمت واري ڪم کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، جنهن سبب اسان آزار ۾ آهيون، روڊن ۾ وڏا کڏا پئجي ويا آهن ۽ روڊ اکڙي تباهه ٿي ويا آهن، پر چونڊيل نمائندا توڙي ضلعي انتظاميا نوٽيس وٺڻ لا تيار ناهي. هنن چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل مين روڊ سميت سمورن لنڪ روڊن جي جلد مرمت ڪرائي عوام کي پريشاني کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button